سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سومر کان تعليمي ادارا ۽ درگاهون بند ڪرڻ جو فيصلو

0
705
سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦھلاءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سومر کان تعليمي ادارا ۽ درگاهون بند ڪرڻ جو فيصلو، شادي هالز ۽ ٻين تقريبن تي پابندي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران اهم فيصلا ٿيا، سومر کان شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽس صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کوليا ويندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيوويو تھ جمعي ۽ آچر تي مارڪيٽس بند رهنديون، تعليمي ادارن ۾ ساليانا امتحان شيڊول تحت ٿيندا، سرڪاري ۽ نجي آفيسرز ۾ 50 سيڪڙو عملو هوندو، سومر کان ريسٽورنٽس ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي پابندي، ٽيڪ اوي جي اجازت ڏني وئي.