باگڙجي جي سرڪاري اسپتال جي حالت سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
128

پنوعاقل (ن پ ا) باگڙجِي جي سرڪاري اسپتال جِي حالت سنڌ ۾ صحت جِي سهولتن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، هڪ ڊاڪٽر باگڙجي واسين کي احساس ڏيارڻ لڳو ته سنڌ حڪومت ڪجهه به نٿي ڏئي، حاجي يار محمد گهمرو کي دعا ڪريو، جنهن جَي ڪري اسپتال هلي ٿي، ڊيوٽي ڊاڪٽر مشتاق گهمرو جِي شهرين سان منهن ماري ٿي، روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نينگري کي ويڪسين نه لڳائڻ تان وارثن ۽ شهرين جون دانهون، انتظاميه کان پڇاڻو ڪرڻ تي ڊاڪٽر شهرين کي چيو ته، اسپتال جِي ڪُل 40 لک رپيا بجيٽ آهي، جيڪا ٻن مهينن جِي به بجيٽ ناهي، وڃو پنهنجِي ويڪسين وٺي اچو يا چونڊيل نمائندن ڏانهن وڃو، شهرين کيس جواب ڏنو ته اُهو اوهان جو ڪم آهي.