سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون موبائيل سمز بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

0
1109

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون موبائيل سمز بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير سِمز بلاڪ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هفتي اندر ويڪسين نه ڪرائيندرن جون موبائيل سِمز بلاڪ ڪيون وڃن، ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار ايندڙ مهيني کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران فيصلن بابت اين سي او سي کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. سنڌ سرڪار ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، صحت کاتي جي اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 21.3 رڪارڊ ڪيو ويو آھي.