سنڌ ۾ ڪئنٽونمينٽ چونڊن دوران بدنظمي جا واقعا

0
176

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪئنٽونمينٽ چونڊن دوران بدنظمي جا واقعا، ملير جي بلال جوکيو ۽ وارڊ 6 ۾ ٻن سياسي پارٽيز جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، ملير گلشن عمير ۽ برائٽ اسڪول پولنگس تي ووٽنگ جو عمل روڪيو ويو.

پيپلز پارٽي طرفان ڪورنگي ۾ پي ٽي آءِ جَي ٻن اڳواڻن فهيم خان ۽ راجا اظهر مٿان ووٽرز کي هراسان ڪرڻ جو الزام، چونڊ  ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪري ڇڏي.

 پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ پولنگ عمل تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، فردوس شميم نقوي ٽائيم نيوز سان ڳالهائينندي چيو آهي ته پولنگ عملو تربيت يافته ناهي، ووٽرز کي سهولتون نه پيون ملن، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي.