فيصل آباد ۾ ڪار سوار ڇوڪريءَ سان اڻوڻندڙ حرڪتون، 3 پوليس اھلڪار گرفتار

0
179
فيصل آباد ۾ ڪار سوار

فيصل آباد: فيصل آباد جي علائقي ڪنال روڊ ۾ تلاشي جي بھاني گاڏي ۾ سوار ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري کي روڪي ڇوڪريءَ سان بدسلوڪي ۽ اڻوڻندڙ حرڪتون ڪرڻ جي الزام ۾ 3 پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ڪار سوار نوجوان جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ايف آءِ آر موجب نوجوان جو چوڻ ھو تھ ھو پنھنجي سئوٽ سان شادي جي تقريب ۾ شرڪت بعد واپس گھر وڃي رھيا ھئاسين تھ رستي ۾ پوليس اھلڪارن تلاشي بھاني گاڏي کي روڪيو.

ايف آءِ آر موجب پوليس اھلڪارن 2 ڪلاڪن تائين روڪي رکيو ۽ ھڪ پوليس اھڪار سئوٽ ڇوڪري سان غلط حرڪتون بھ ڪيون.

پوليس ترجمان موجب واقعي ۾ ملوث ٽنھي پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري انھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.