ڪراچي: ٻن سرڪاري اسپتالن ۾ تڪرار سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو

0
186
ڪراچي: ٻن سرڪاري اسپتالن

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان سرڪاري اسپتالن جي تڪرار سبب حياتي وڃائي ويٺو.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت آباد ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان کي پهرين عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين نه هجڻ تي مريض کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ جو چيو ويو.

جڏهن نوجوان کي جناح اسپتال نيو ويو ته جناح اسپتال انتظاميه عباسي شهيد اسپتال جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نوجوان کي وري واپس شهيد عباسي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

فوتي نوجوان جي وارثن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ٻنهي اسپتال انتظاميه جي خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.