اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ شڪست تي وفاقي وزيرن مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وفاقي وزيرن چيو آهي ته نواز شريف فوجي نرسري مان نڪري فوج خلاف بدزبان ڳالهائي رهيو آهي، سڄي عمر اقتدار ۾ نه ايندو، پ پ جو سنڌ ۾ آخري موقعو آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، وفاق ۾ 2023ع ۾ به تحريڪ انصاف جي حڪومت ايندي. . اسلام آباد ۾ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ بدترين شڪست تي نواز ليگ ۽ پ پ کي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو کان استعيفا وٺڻ گهرجي، چونڊن ۾ اسان کي تاريخي ڪاميابي ملي، جنهن جا اثر پري پري تائين ويندا، ايڏي وڏي ڪاميابي ۾ ڌانڌلي ممڪن ناهي هوندي، عمران خان نه رڳو آزاد پر والاريل ڪشمير ۾ به مقبول ليڊر آهي. هن چيو ته شڪست تي نواز ليگ ۽ پ پ کي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو کان استعيفا وٺڻ گهرجي پر انهن کي پاڻ ئي استعيفا ڏئي ڇڏڻ گهرجي ۽ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، ايڏي وڏي شڪست کانپوءِ مريم نواز ڪهڙي منهن سان نائب صدر ۽ بلاول پارٽي چيئرمين آهي، هاڻي پ پ ۽ نواز ليگ کي گهرجي ته نئين ليڊرشپ کي اڀرڻ ڏين، فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري جي سالگرهه تي بلاول تحفو ڏنو ته باقي صوبن جيان ڪشمير ۾ به انهن جو ڪو حال ناهي رهيو، ايندڙ عام چوندن ۾ سنڌ ۾ به انهن جو اهو ئي حشر ٿيندو، هيءَ انهن جي آخري حڪومت آهي، وفاقي وزير چيو ته مريم نواز کي فوج کي نشانو بڻائڻ جو جواب ملي ويو، پاڪستان مخالف بيانيي جو اهو نتيجو آهي ته اتي انهن جي حڪومتي جماعت کي بدترين شڪست ملي، ڪشميري عوام مريم نواز جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو، اهو ممڪن ناهي ته اوهان مودي کي به گهرايو ۽ ڪشميرين کان ووٽ جي اميد به رکو، هن چيو ته نواز شريف افغانستان جي صلاحڪار سان جيڪا ملاقات ڪئي ڪشميرين انهن جو اثر ڏيکاريو. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران جي مخالفت ئي واحد نوازشريف جي ايجنڊا آهي، نوازشريف فوجي نرسري مان نڪتو ۽ ان خلاف ئي بدزباني ڪري رهيو آهي، نوازشريف ان ايجنڊا تي ڪنهن به انتها تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي پر ڀلي ان ايجنڊا تي سڄي زندگي لڳل رهي پر هي اقتدار جو منهن نه ٿا ڏسي سگهندا، غيرذميواراڻي ٻولي ختم ڪرڻ تائين هنن جو ڪوبه مستقبل نه آهي، شيخ رشيد چيو ته اهو چوڻ ته اسانجا جلسا وڏا آهن ته ووٽ وڌيڪ پوندا، ايئن ناهي ٿيندو، هي 2023ع ۾ به چوندا ته ڌانڌلي ٿي، پيپلزپارٽي وڏو پيسو لڳائي ٻن ٽن سيٽن جو اضافو ڪيو، ايندڙ ڀيري سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺاهينداسين.هن چيو ته نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ لاءِ تيار آهي ته فوري طور چارٽر جهاز ڏئي سگهون ٿا، نواز شريف وارا جيستائين پنهنجي سياست مان غيرپارلياماني ۽ غير ذميواراڻي ٻولي ختم نه ڪندا، تيستائين سندن ڪو سياسي مستقبل نه هوندو، شيخ رشيد چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ اڪيلي سر حڪومت ٺاهي رهي آهي، آزاد ڪشمير جي عوام جا ٿورائتا آهيون جنهن عمران خان تي ڀروسو ڪري تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنا. هاڻ ايندڙ چونڊن دوران به پوري ڪوشش هوندي ته سنڌ ۾ به تحريڪ انصاف جي حڪومت هجي، شيخ رشيد چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن جي حوالي سان جيئن مون چيو هو ته تحريڪ انصاف پهرين، پ پ ٻئين ۽(ن) ليگ ٽئين نمبر تي ايندي ائين ئي ٿيو آهي، مون اڳ ئي چيو هو ته اپوزيشن اليڪشن ۾ شڪست کان پوءِ روئڻ شروع ڪري ڏيندي. پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ نوٽن جون ٻوريون خرچ ڪيون ۽ پئسا خرچ ڪري ٻن ٽن سيٽن ۾ اضافو ڪيو. هي ماڻهو 2023 جي اليڪشن ۾ به روئڻ جو ڊرامو ڪندا، ڌانڌلي جون دانهون ڪندا.