ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فيضان سومرو لاپتا ڪيس ، عدالت سڄي سنڌ مان ملندڙ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪالھه سنڌ ھاءُ ڪورٽ ۾ گذريل 5 سالن کان لاپتا فيضان سومرو جي بازيابي متعلق داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت سڄي سنڌ ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي جو حڪم ڏنو، ان سلسلي ۾ گھروسيڪريٽري کي نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو، عدالت گھروسيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ذاتي طور پيش ٿي عدالت جي رھنمائي ڪريو ۽ ٻڌايو ته اڃا تائين لاوارث لاشن جي ڊي اين اي متعلق ايس او پيز طئه ڇو ناهي ٿي ؟ واضح رھي ته فيضان 2016ع ۾ لاپتا ٿيو. جاچ آفيسر موجب فيضان جي مائٽن جا ڊي اين اي نمونا وٺڻ لاءِ مهلت ڏيو