سکر / پنو عاقل (رپورٽ: فاروق سومرو + نديم بوزدار) پنوعاقل جي سانگي ۽ دبر ٿاڻي جي حد ۾ چورن جي پلاند ۾ جتوئي برادري جي 2 پورھيتن جي تذليل بعد جتوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ گھٽجي نه سگھي آھي، ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان ڪيترائي ڪلاڪ جديد ھٿيارن سان شديد فائرنگ ڪئي وئي، جنھن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، جڏھن ته ڌرين ۾ فائرنگ سبب 2 واٽهڙن قيوم شيخ ۽ ارشاد جتوئي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتالن ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، جتوئي برادري جي ھٿياربندن پاران سانگي وٽ ريلوي ٽريڪ تي بيھي جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، ٻي طرف جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن دبر بند وٽ جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنھن سبب ريلوي انتظاميا پاران پنجاب کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس سميت 2 ٽرينن کي پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي بيھاري ڇڏيو، جڏھن ته قومي شاهراهه کي پڻ مسافرن جي اچ وڃ لاءِ وقتي طور بند ڪري بعد ۾ پوليس پھچي فائرنگ بند ڪرائي، جنھن بعد ريلوي انتظاميا ٽرينن کي منزل طرف روانو ڪيو، جڏھن ته قومي شاهراهه کي پڻ 3 ڪلاڪن کانپوءِ بحال ڪيو ويو، جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب سانگي شھر مڪمل طور بند رھيو، ھوڏانھن ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪندي چيو آھي ته دبر ۽ سانگي جي حدن ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گھرن تي چڙھايون ڪري 25 کان وڌيڪ ھٿياربندن کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو آهي ۽ جوابدارن جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا آهن، ھن چيو ته ڪنھن به صورت ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ نه ڏينداسين.