ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايپڪس ڪاميٽي جو 26 ھون اجلاس 29 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري. مڪاني ادارن وارو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز. گھرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا. ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال. سيف سٽي پروجيڪٽ. ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ امن امان بابت اھم فيصلا ڪيا ويندا.