اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قومي اسيمبلي ۾ نواب يوسف ٽالپر احتجاج ڪيو، قومي اسيمبلي بابت پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته پاڻي جي کوٽ آهي، ان باوجود تقسيم به شفاف نه ٿي رهي آهي، کوٽ باوجود ٽي پي لنڪ ڪينال ۽ سي جي لنڪ ڪينال وهايا پيا وڃن، هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو آهي، اها افسوس ناڪ صورتحال آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي ايوان مان ڪاميٽي ٺاهي جيڪا جائزو وٺي ته ڪهڙي صوبي سان پاڻي جي تقسيم ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، ازالو ڪيئن ٿيندو؟، هن چيو ته سنڌ کي چشما بجاءِ حصي جو پاڻي گڊو بيراج وٽ فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته چشما ۽ گڊو جي وچ ۾ روزانو 20 کان 22 هزار پاڻي گم ٿي وڃي ٿو، ٽي پي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال کي بند ڪيو وڃي، هن چيو ته آر بي او ڊي جي تعمير مڪمل نه ٿي آهي، اها رٿا سنڌ کي ريگستان بڻائي ڇڏيندي، ان ڪري سنڌ جي منڇر ڍنڍ ختم ٿي وئي آهي، هن چيو 800 ارب جي وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾سنڌ صوبي جي منصوبن لاءِ صرف 56 ارب رپيا رکڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي، سنڌ سان ايتري ناانصافي ۽ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي، جڏهن اهڙيون زيادتيون ٿين ٿيون ته قومپرست روڊ بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.