سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان شروع، مختلف سينٽرز تي ڪاپيءَ جي ڌُم متل

0
322

ڪراچي: سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان شروع ٿي ويا، پهرين ئي ڏينهن مختلف سينٽرز تي ڪاپيءَ جي ڌُم متل آهي، ڪنري ۽ جيڪب آباد جي امتحاني سينٽرز ۾ شاگرد سرعام ڪاپي ڪندي نظر آيا

ڏهرڪي، فيض گنج، نئون ڪوٽ، موهن جو دڙو، وڳڻ ۽ پکو ۾ پيپر آئوٽ ٿي ويا، ميرپورخاص ۾ امتحاني مرڪز ۾ بجلي نه هئڻ سبب هڪ شاگرد بيهوش ٿي ويو

قادرپور، بودر فارم، قمبر، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي بند هئڻ سبب امتحاني مرڪزن ۾ پيپر ڏيندڙ شاگردن جي حالت خراب ٿي وئي

نصير آباد ۾ نائين جماعت جي 12 شاگردياڻين کي امتحاني سلپس جاري نه ٿيون، شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته امتحاني فارم لاءِ 12 سئو روپيا ڀري چڪا آهيون، هاڻي 4 هزار روپيا گهريا پيا وڃن، تعليم واري وزير کان نوٽيس وٺي تعليمي سال بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي