پنگريو ۾ پاڻي جيءَ لاڳيتي کوٽ خلاف احتجاج، شٽربند هڙتال

0
190
پنگريو ۾ پاڻي جيءَ لاڳيتي کوٽ خلاف احتجاج، شٽربند هڙتال
پنگريو ۾ پاڻي جيءَ لاڳيتي کوٽ خلاف احتجاج، شٽربند هڙتال

پنگريو: پنگريو ۾ پاڻي جيءَ لاڳيتي کوٽ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهرين، آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو

 اڪرم واهه ۾ پاڻي هڪ مهيني کان بند هئڻ خلاف ماڻهو رستن تي نڪري آيا، هڙتال سبب شاھي بازار، خليفه بازار، نئون ڪوٽ روڊ، ٽنڊوباگو روڊ وارن سڀني علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو

 شهرين جو چوڻ آهي ته اڪرم واهه بند هئڻ ڪري هڪ طرف پنگريو شهر جي واٽر سپلاءِ جي تلائن مان پاڻي ختم ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف فصل سڙي رهيا آهن، مظاهرين طرفان آبپاشي اختيارين کان اڪرم واهه ۾ پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي