انٽيليجنس ادارا ججز جي مقرريءَ کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪري سگهن؟: جسٽس اطهر من الله

0
147
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر نه ڪرڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اطهر من الله سوال اٿاريو ته انٽيليجنس ادارا ججز جي مقرريءَ کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪري سگهن؟ ان سان عديله جي آزاديءَ تي اثر پوندو

ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي وڪيل حامد علي خان چيو ته جڊيشل ڪميشن طارق آفريدي کي ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، پارلياماني ڪميٽي انٽيليجنس ادارن جي رپورٽن جي بنياد تي نامزدگي رد ڪئي، انٽيليجنس رپورٽ موجب جج جي ساک سٺي نه آهي

جسٽس اطهر من الله چيو ته پارلياماني ڪميٽي پيشيوراڻي صلاحيت بدران انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته عدالت معاملي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺندي، ڇا پارلياماني ڪميٽي جڊيشل ڪميشن جي سفارشن کي رد ڪري سگهي ٿي؟

سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

آڊيو ليڪ: ثاقب نثار کي پٽ سميت خصوصي ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو