آڊيو ليڪ: ثاقب نثار کي پٽ سميت خصوصي ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو

0
206

آڊيو ليڪ: ثاقب نثار کي پٽ سميت خصوصي ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس ۽ سندس پٽ کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان جوڙيل خصوصي ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، سندس پٽ ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر کي طلب ڪيو آهي، ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي ٿيندو

 ان حوالي سان اسلم ڀوتاڻي چيو آهي ته ثاقب نثار کي پنهنجي بچاءَ يا موقف رکڻ جو پورو موقعو ڏينداسين، پنهنجي انٽرويو ۾ خصوصي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر اسلم ڀوتاڻي ٻڌايو ته ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو