ڪشمور(رپورٽ: محمد شريف ڄامڙو)ڪشمور جي ڳوٺ خير محمد چانڊيو ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ڌرين ھڪ ٻئي مٿان سڌيون گوليون ھلائي ڇڏيون، نتيجي ۾ 50 ورھين جو محمد يوسف چانڊيو مارجي ويو، ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ حسن علي، خادم علي، شاھد علي، پرويز علي، مختيار علي، احمد علي، ساوڻ علي، گوهر چانڊيو شامل آهن جن کي ڪشمور تعلقي سول اسپتال ۾ طبعي امداد ڏيڻ کانپوءِ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو. فائرنگ دوران مارجي ويل مقتول محمد يوسف چانڊيو جي وارثن جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جو لاش ڪشمور انڊس هاءِ وي روڊ تي رکي پنج ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڊي ايس پي صادق اوڍو ۽ ٻين علائقي جي چڱن مڙسن پاران انصاف ڏيارڻ جي خاطري بعد روڊ کوليو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻنهي ڌرين ۾ گذريل ٻن سالن کان سڱاوتي تڪرار تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي ڪجهه ڏينهن اندر فيصلو رکيل هو. زخمي شاهد علي چانڊيو جو چوڻ هو ته  حميد چانڊيو فائرنگ ڪري يوسف چانڊيو کي قتل ڪيو ۽ پنجن ڄڻن کي زخمي ڪيو. ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين کي وڌيڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال کان روڪيو آهي وارثن جي فرياد تي ملوث جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ڪشمور جي ڳوٺ خير محمد چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ قتل ٿي ويل محمد يوسف چانڊيو جي ڀائٽي الطاف چانڊيو جي فرياد تي 10 سڃاتل ۽ پنج اڻسڄاتل جوابدارن مٿان ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نامزد جوابدارن ۾، ذوالفقار علي، احمد علي، عبدالحميد چانڊيو نواب علي چانڊيو، امير علي چانڊيو، ساجن علي چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، علي گل چانڊيو شامل آهن.