ننڍي مڪاني چونڊ: غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ ڪامياب

0
269

ڪراچي: سنڌ جي 24ضلعن جي 63تڪن تي ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ ووٽنگ جا غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پ پ ڪامياب ٿي وئي آهي، ٽنڊو باگو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي پ پ اُميدوار سڪندر شاهه 891 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

وارڊ نمبر پنج تي به پ پ اُميدوار راجا سهيل ميمڻ 406 ووٽ کڻي ڪامياب، نوابشاهه ۾ ايڇ ايم خواجه يونين ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اُميدوارعبدالعزيز انصاري 902 ووٽ وٺي کٽي ويو

 جيڪب آباد جي يوسي 18 جي وارڊ نمبر 2 ۾ پ پ جو امير علي دايو 239 ووٽ کڻي ڪامياب، روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 11 ۾ پ پ اُميدوار حبيب الله ڪٽپر 595 ووٽ کڻي ڪامياب، شهدادپور جي ٽائون ڪميٽي جٽيا ۾ پ پ اُميدوار رمضان راجپوت 562 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

 سجاول جي يوسي کيرال ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اُميدوار عبداللطيف رانٽو 116 ووٽ کڻي ڪامياب، اوٻاوڙو جي وارڊ نمبر 6 ۾ پ پ اُميدوار احمد خان سيلرو 1326 ووٽ وٺي سوڀارو ٿيو

 ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 13 ۾ پ پ اُميدوار زبير پٺاڻ 847 ووٽ کڻي ڪامياب، پنو عاقل جي يوسي بائجي ۾ چيئرمين لاءِ پ پ اُميدوار شفقت ڀٽو 3 هزار 13 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو

 ميهڙ جي يوسي سنڌي سنڌي ٻٽڙا تي پ پ اُميدوار شوڪت علي ٻٽڙو چيئرمين ۽ اعجاز علي چانڊيو وائيس چيئرمين جي عهدي تي 2 هزار 808 ووٽ کڻي سوڀارا، محرابپور جي وارڊ هڪ تي جنرل ڪائونسلر لاءِ پ پ اُميدوار ٽالپر 840 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو