کپرو ويجهو ناري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، معاملو ڳجهارت بڻيل

0
156

کپرو ويجهو ناري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، معاملو ڳجهارت بڻيل

کپرو( ن پ ا) کپرو ويجهو ناري جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي

 ڳوٺ سلطان گجو ۾ 18ورهين جي سيتا ڌيءَ سمڙو ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو اطلاع تي کپرو پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي موت بابت علائقي ۾ مختلف چوٻول آهن

 سيتا جي امڙ جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هن نوان ڪپڙا وٺي ڌيڻ جو چيو هو غربت سبب ڌيءَ کي ڪپڙا نه وٺي ڏئي سگهيس جنهن کانپوءِ هن جو ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي

 ٻئي پاسي کپرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اسلم بلو ٻڌايو ته واقعي جي  سڀ رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

هي به پڙهندا

نينگري کي اغوا ڪري زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ٽنڊوالهيار ۾ نينگر نريش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف تنظيمن جو ڌرڻو