ٽنڊوالهيار ۾ نينگر نريش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف تنظيمن جو ڌرڻو

0
400

ٽنڊوالھيار بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  پيرڪاٺي اسٽاپ ويجھو ڪيلي جي باغ مان بدفعلي بعد بي دردي سان قتل ٿيل 13 ورهين جي ڇهين ڪلاس جي شاگرد نريش ولد ريوو ڀيل جا قاتل 6 ڏينهن گزرڻ باوجود پوليس هٿ نه ڪري سگهي آهي

ٽنڊي الهيار جي سول سوسائٽي جي ڏنل سڏ جي حمايت ۾ وڪيل  برادري، صحافي برادري  کانسواءِ سياسي سماجي تنظيمن جي سوين ماڻھن نينگر نريش ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي  وقار بوزدار، وڪيل منصور حيدرجروار، شوڪت جروار، وهاب ڪيريو، حسن لغاري ۽ ٻين ان موقعي تي چيو ته ٽنڊي الهيار جي غريب نينگر نريش ڪمار سان بدفعلي ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي

هنن چيو ته سموري ضلعي جو عوام نينگر نريش جي خاندان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ بيٺل آهي جڏهن ته ٽنڊوالهيار پوليس 6 ڏينهن گزرڻ باوجود نينگر جا قاتل نه هٿ ڪري سگهي آهي

 هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتل گرفتار ڪري نريش ڪمار جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

نينگري کي اغوا ڪري زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ٺٽو: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت ٿيڻ خلاف احتجاج