سنڌ جي 63 تڪن تي ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري

0
207

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي 24 ضلعن جي 63 تڪن تي ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي، ڪراچي جي 7 ضلعن  جي ۽ 15 وارڊز جي 26 تڪن تي ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي

 جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، نوابشاهه ۽ سانگهڙ جي هڪ هڪ تڪ تي پولنگ، مٽياري، ٽنڊو الهيار ۽ ڄامشورو ۾ به هڪ هڪ تڪ تي پولنگ جاري آهي

ڪراچي ۾ 168انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميراز لڳائي 7هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي،  حيدرآباد ۾ 10تڪن تي ووٽنگ جاري آهي

 نوشهروفيروز، دادو ۽ ٺٽي ۾ ٽن ٽن تڪن، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، بدين ۽ سجاول جي ٻن ٻن تڪن تي پولنگ جو عمل جاري، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ نوابشاهه ۾ هڪ هڪ تڪ تي ووٽنگ ٿي رهي آهي، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ڄامشوري ۾ به هڪ هڪ تڪ تي پولنگ جاري آهي

صوبائي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي، سنڌ جي 24 ضلعن ۾ ڪل 449پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، انهن تڪن تي اميدوارن جي فوت ٿي وڃڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري اليڪشن نه ٿي سگهي هئي

هي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت صدر سان مشاورت کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو