اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت صدر سان مشاورت کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو

0
173
اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت صدر سان مشاورت کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت صدر سان مشاورت کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو

 چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊن واري معاملي تي صدر سان مشاورتي عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو ته چونڊن وارو معاملو عدالتن ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، اليڪشن ڪميشن صدر سان مشاورت واري عمل جو في الحال حصو نه ٿي بڻجي سگهي

 اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 19 فيبروري تي صدر کي لکيل هڪ خط ذريعي فيصلي کان آگاهه ڪري چڪا آهيون، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو هو ۽ مشاورت جو چيو هو

هي به پڙهندا

ڪي پي ۽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل