اداڪارا ازيڪا ڊينيئل پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وئي

0
305
اداڪارا ازيڪا ڊينيئل پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وئي
اداڪارا ازيڪا ڊينيئل پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ٽي وي جي نامياري اداڪارا ازيڪا ڊينيئل پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام تي تصويرون جاري ڪيون جنهن ۾ هو پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سان گڏ موجود آهي

پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ارادي تحت هن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس اهڙي پوسٽ تي واهپيدارن پاران رد عمل اچڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي