ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ ۽ بنا نمبر پليٽس وارين گاڏين خلاف   اڄ کان سخت ڪريڪ ڊائون  شروع ڪيو پيو وڃي،  ڪوبه   اثر رسوخ ۽ سفارش ڪم نه ايندي، شهري ايس او پيز تي عمل ڪن. سنڌ اسيمبلي جي  ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آهي، شهري لائسنس يافته هٿيار گڏ کڻي سگهي ٿو پر ڪير به انهي جي نمائش نٿو ڪري سگهي  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي ٽائيگرز کي سٺي آڇ ڪئي آهي، اهي پنهنجن جيل ڀريو تحريڪ جي ڏهاڙن کي سنڌ ۾ به سٺي طريقي سان ملهائين، کين پڪ اينڊ ڊراپ سروس پڻ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز ۽ پارليامينٽرينز  نالا لکرائين، جيڪڏهن اسان کي نالا نٿا ڏيڻ چاهين ته ميڊيا کي ٻڌائين، کين پڪ اينڊ ڊراپ سروس پڻ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران پنهنجن ٽنهي ٻارن کي جيل ڀريو تحريڪ لاءِ اڳتي آڻي، ڊجيٽل آدمشماري بابت سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هر ان قدم جي حمايت ڪندي، جنهن تحت آدمشماري جي عمل کي شفاف طريقي سان يقيني بڻايو وڃي،  ان معاملي تي ڪنهن سان به سياسي اختلاف ناھن