ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان الزام هنيو آهي ته جماعت اسلامي جي مڪاني چونڊن ۾ کٽيل سيٽن ( يوسيز ) کي گهٽائڻ لاءِ  سنڌ حڪومت آفيسرن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي، چونڊن وقت به پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن ذريعي نتيجا تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن وٽ رٿيل اڄوڪي شنوائي به ملتوي ڪئي وئي آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان ڪيترائي خدشا آهن، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي ڪراچي واسين سان دوکو قبول نه ڪنداسين، انهي ڪري جيڪو جتي آهي، انهي کي اتي ئي ڳڻيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو معاهدو پورو ٿي رهيو آهي، وفاقي حڪومت فوري طور انهي کي تحويل ۾ وٺي