اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ برساتي ٻوڏ ڪري ٿيل جاني مالي نقصان جي ازالي  لاءِ بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ بلوچستان مان وفاقي وزير اسرار ترين، محمد عاشق نوتزئي ۽ خالد مگسي، سنڌ مان عامر علي مگسي، غلام مصطفيٰ شاهه، کيئل داس ڪوهستاني، وفاقي وزير شيري رحمان، عابد ڀيو، امين الحق پنجاب مان سردار رياض محمود خان مزاري، خيبر پختونخوا مان نور عالم خان کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي سومر کان سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ ٻين متاثر علائقن جا دورا ڪري وزيراعظم کي نقصانن بابت رپورٽ ڏيندي. وزيراعظم پاران جوڙيل ڪاميٽي اڄ اسلام آباد کان ڪراچي پهچندي، ڪاميٽي کي ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ بريفنگ ڏني ويندي، ڪاميٽي ٽاور، شاهراهه پاڪستان، جهانگير روڊ، شاهراهه اورنگزيب، ڪي ڊي اي، ڪورنگي ، چاڪيواڙا، يوسف ڳوٺ، منگهو پير روڊ، حب ڪينال جي علائقي جو به دورو ڪندي ڪاميٽي پهرين آگسٽ جي رات ڪراچي ۾ ترسندي، 2 آگسٽ تي ڪراچي کان ڪاميٽي ٺٽي رواني ٿيندي، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندو، ڪاميٽي ڪي ٽي بندر سوڌو مختلف علائقن جو دورو به ڪندي، ساڳئي ڏينهن تي ڪاميٽي بدين رواني ٿيندي، بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندو، بدين جي ٻوڏ متاثر علائقن جو به دورو ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ ڪاميٽي رات جو ڪراچي پهچندي، 3 آگسٽ  تي ڪراچي کان ڪاميٽي دادو رواني ٿيندي، جتي کيس ڊپٽي ڪمشنر دادو بريفنگو ڏيندو، ڪاميٽي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي، ساڳئي ڏينهن تي ڪاميٽي قمبر شهدادڪوٽ جو دورو ڪندي، جتي ڊپٽي ڪمشنر ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندو، 3 آگسٽ تي ڪاميٽي ڪراچي ايئرپورٽ کان اسلام آباد رواني ٿيندي.