سکر (بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه بعد هند ۽ سنڌ جي مشهور مذهبي  تيرٿ آسٿان ساڌ ٻيلو کي پوڄا پاٺ ۽ ياترين لاءِ بند ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ساڌ ٻيلو ڪاميٽي جي چيئرمين اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا موجب گڏيل طور تي ضلعي ۽ لاڳاپيل انتظاميا سان صلاح مشوري بعد وهڪرن جي نارمل ٿيڻ تائين بابا بنکندي مهراج آسٿان (ساڌ ٻيلو) ياترين لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ واڌ ۽ تيزي کي نظر ۾ رکندي امڪاني طور تي ڪنهن به جاني نقصان کان بچڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي.