سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) برسات، ٻوڏ متاثرن طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل درخواستن جي ٻڌڻي، عدالت پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر سمورا ڪٽ بند ڪرڻ جو حڪم، ڪٽ بند ڪرڻ ۽ متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي رجسٽرار کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سکر ڊويزن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن کي سهولتون نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران سينيئر وڪيل شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته انتظاميا ڪجهه به ناهي ڪيو، صرف عدالت ۾ اچي ڪهاڻيون ٻڌايون پيون وڃن. ان تي عدالت آفيسرن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، ماڻهو مرن پيا. چيف سيڪريٽري سنڌ 15 ڏينھن گذرڻ کان پوءِ به پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسڪارپ مقرر ڇو ناهي ڪيو. ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته روهڙي ڪينال ۾ ڪيترا ٽيوب ويل هلن پيا؟ جنهن تي اسڪارپ ايڪسئن ٻڌايو ته 6 ٽيوبل ويل هلن پيا. وڪيل شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته ايڪسيئن عدالت ۾ غلط بياني پيو ڪري، صرف 2 ٽيوب ويل هلن پيا، باقي بند آهن. هڪ طرف اسان ٻڏون پيا ٻئي طرف آبپاشي عملدارن زرداري جي زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي، جيڪو بند ڪرايو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پاڻي ڇو ڇوڙ ڪيو ويو آهي؟ ان تي چيف انجنيئر سکر بئراج ٻڌايو ته روهڙي ڪئنال ۾ ڪجهه ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي. جسٽس ظفر احمد راجپوت رماڪس ۾ چيو ته سمورا ڪٽ بند ڪيا وڃن. عدالت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي رجسٽرار کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪندي ڊي آءِ جي سکر کي حڪم ڏنو ته آبپاشي عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪري لڳل سمورا ڪٽ بند ڪري علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. عدالت چيف سيڪريٽري، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن کي 5 آڪٽوبر تي طلب ڪندي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.