ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي سدرن گيس ڪمپني خلاف داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سوئي سدرن گيس ڪمپني کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان پيش ڪيل موقف جو جائزو وٺي ٻن هفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . ڪالهه ٻڌڻي دوران سوئي سدرن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي گيس جي فراهمي لاءِ  ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ تي سوئي گيس جي مد ۾ 178 ۽ آر ايل اين جي جي مد ۾ 26 ارب رپيا رهيل آهن. هن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته اسان توهين عدالت جو سوچي به نٿا سگهون، اسان عدالت جي هر حڪم تي عملدرآمد ڪنداسين. ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت سوئي سدرن گيس ڪمپني کي قدرتي گيس جو مقرر مقدار فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪمپني پاران بهترين ڪوششن جي آڙ ۾ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي کي لڪايو پيو وڃي. سوئي سدرن جي جواب ۾ اعتراف موجود آهي،  هن چيو ته جيڪڏهن مقرر مقدار ۾ گيس فراهم ڪئي وڃي ها ته معاملو بقايا تائين نه پهچي ها. هن چيو ته سوئي سدرن طرفان قدرتي گيس بدران آر ايل اين جي فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا قدرتي گيس کان 8 ڀيرا مهانگي آهي، جنهن سبب بجلي جي لاڳت ۾ اضافو ٿئي ٿو، انهي سان ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪراچي جا شهري متاثر ٿي رهيا آهن، ٻڌڻي دوران سوئي سدرن گيس ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جي موقف جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي موقف جو جائزو وٺي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي