ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو ايل ايل بي پارٽ ون، ٽو ۽ ٿري سالياني امتحان 2020ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نتيجن موجب پهرئين پارٽ ۾ 537 اميدوارن مان 477 اميدوار ڪامياب ۽ 37 ناڪام قرار ڏنا ويا ۽ 16 اميدوار غير حاضر رهيا. ٽن اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، جڏهن ته 4 اميدوارن جا نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ روڪيا آهن. ڪاميابيءَ جو تناسب 88.82 سيڪڙو رهيو. پارٽ ٻه جي امتحان ۾ 1551 اميدوارن مان 1389 اميدوار ڪامياب ۽ 90 ناڪام قرار ڏنا ويا. امتحان ۾ 34 اميدوار غير حاضر پڻ رهيا. 18 اميدوارن جا نتيجا ايل ايل بي حصو پهريون ۾ فيل ۽ 20 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس هئڻ ڪري روڪيا ويا آهن. امتحانن ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 89.55 سيڪڙو رهيو. پارٽ ٿري جي نتيجن موجب 3471 اميدوارن مان 1442 اميدوار فرسٽ ڪلاس ۽ 1675 سيڪنڊ ڪلاس سميت مجموعي طور 3117 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. 19 اميدوار غيرحاضر پڻ رهيا. 54 اميدوارن جا نتيجا ايل ايل بي حصو ٻيو ۾ فيل ۽ 95 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس هئڻ ڪري روڪيا ويا آهن. ڪاميابيءَ جو تناسب 89.80 سيڪڙو رهيو. ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو وڌيڪ ڄاڻايو ته جن به اميدوارن جا امتحاني نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ پاران روڪيا ويا آهن، اهي پنهنجي مسئلي جي حل لاءِ ڪنڊڪٽ برانچ سان لهه وچڙ ۾ اچن.