ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان انٽر جو شاگرد پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن بابت وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺ عبدالمجيد ابڙو واسي انٽر جو شاگرد راجا سومرو ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، نوجوان جي پيءُ پورهيت زاهد سومرو ٻڌايو ته سندس پٽ ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ کان حيدرآباد ڪمائڻ لاءِ ويو هو جنهن بعد سندس ڪٿي به ڏس پتو نه پيو پئي، جڏهن ته موبائيل نمبر پڻ بند ملي رهيو آهي، هن چيو ته شڪ آھي ته پٽ کي ڪنهن اغوا ڪيو آھي، هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي،