دادو (رپورٽر) دادو ۾ سماجي تنظيمن پاران مختلف ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان تقسيم  ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ۾ ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ پودا پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرين جي سائتا ڪئي وئي.  سماجي تنظيم ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ۽ پودا پاڪستان پاران ضلعي دادو جي تعلقي جوهي يوسي سي ڪمال خان جي ڳوٺ حاجي محمد صالح جمالي ۾ ٻوڏ سبب سئو کان وڌيڪ متاثر خاندنن ۾ کاڌ پيت جي شين سميت ٻارن،عورتن لاء به استعمال جو سامان پڻ ڏنو ويو، ان موقعي تي اڳواڻڻ چيو ته ٻوڏ سٽيل مختلف علائقن ۾ پهچي متاثرين جي مدد ڪيون ٿا،جڏهن ته  متاثرين اين ڊي او، حڪومت سنڌ ۽ پودا پاڪستان جا ٿورا مڃان ۽ وڌيڪ مدد ڪرڻ جي به اپيل پڻ ڪئي.