سنڌ مورت مارچ، جيئي ڀٽو ۽ جيئي عوام

0
280
فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

تاريخ 20 نومبر تي سوشل ميڊيا تي، شهيد مير مرتضى ڀٽو جي فرزند ارجمند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي هڪ وڊيو ڪلپ نظر مان گذري. ڪلپ ۾، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، سامهون بيٺل، ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ مورت مارچ ۾، شريڪ ٿيندڙ عوام جنهن ۾، گهڻائي خواجا فقيرن جي هئي تن پاران لڳندڙ ان نعري جي گونج کي غور سان ٻڌندي نظر اچي رهيو آهي جنهن نعري جي پويان انيائن جا داستان لڪيل آهن. هي اهڙو نعرو آهي جيڪو هڪ تاريخ رکي ٿو. ۽ جنهن کي ٻڌندي اسان وڏا ٿي، بعد ۾ جڏا ٿي وياسين. اهڙا جڏا جو اڄ ڏينهن تائين ان نعري مان ٻاهر نڪري ناهيون سگهيا. ڇاڪجي ان نعري ۾ واقعي بلا جو سحر آهي. اهڙو سحر جو اسان ٻڏون، توڙي ترون، دربدر ٿيون يا ڪٽن جي آسري ۾ خوار خراب، امداد جي آسري ۾ ڌڪا ٿاٻا کائون يا انڪم سپورٽ ۽ احساس پروگرامن جي لاءِ لڳندڙ قطارن ۾ سڄو سڄو ڏينهن نٽهڻ اس ۽ سخت سيءَ ۾، بيهندي اڃ بک مري وڃون يا پيهه ۾ لتاڙجي زندگي جي جنگ کان هار کائي وڃون، يا باهه، برسات ۽ سفري حادثن جو شڪار ٿي وڃون، اسان کي مناسب تعليم ۽ صحت جون سهولتون نه ڏنيون وڃن، روزگار جا وسيلا محدود ڪيا وڃن يا سڄي سنڌ ۾ وڏيرڪي راڄ پاران عوام جي لاءِ آزار پيدا ڪيو وڃي، اسان تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه فرق نٿو پوي. اسان اڄ به هن نعري سان ايئن ئي چهٽيا پيا آهيون جيئن ماضي ۾ چنبڙيل هئاسين. خبر نٿي پوي ته اسان ليسوڙا آهيون يا ليسوڙي جا وڻ. هن نعري ۾ بلڪل اهڙو سحر آهي جهڙو هن نعري ۾ استعمال ٿيندڙ ذات (نالي) واري ماڻهو جي شخصيت ۾ هو. اها تاريخ ساز شخصيت ڪو معمولي ماڻهو به نه هو پر اهو رياست جهونا ڳڙهه جي ديوان ۽ نواب سر شاهنواز ڀٽي جو پٽ هو، پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم، اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ پي پي پي جو خالق هو. هن جي شخصيت ۾ اهڙو سحر هو جو عام ماڻهو هن کي قائدِعوام جي نالي سان سڃاڻن پيا، پاڪستان جو خاص عوام هن کي ذوالفقار علي ڀٽو، ۽ دنيا هن کي ذلفي ڀٽو آف پاڪستان جي طور تي سڃاڻندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت بعد انهيءَ نعري کي سندس پارٽي نه، پر عوام پاران جوڙيو ويو هو. شايد اهوئي سبب آهي جو پارٽي اڄ به هن نعري مان خوب فائدو حاصل ڪندي ٿي اچي ۽ عوام به هن نعري جي پويان ان نيت کي سمجهي ناهي سگهيو جيڪا نيت هن کي ۽ سندس جي شهرن کي ٻوڙائي ناس ڪندي رهي ٿي. قائدِعوام جي تقريرن کي ٻڌڻ لاءِ عوام جو سدائين سمنڊ اٿلي پوندو هو. عوام تقريرن کي ٻڌڻ جي لاءِ هروقت بيتاب نظر پيو ايندو هو. ذلفي ڀٽو آف پاڪستان پنهنجي سياسي زندگي دوران مختلف عهدن تي رهندي پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام  کي اهو ڪجهه ڏئي ويو آهي جنهن جو قرض پاڪستان تان ته لهي ويو آهي ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پاداش ۾ هن کي هڪ فوجي آمر جڙتون ڪيس ۾ ڦاسائي ملڪ جي اعلى عدالت ذريعي سولي تي لٽڪائي سندس آبائي قبرستان ڳڙهي خدابخش ۾ لاوارث لاش وانگي دفنائي ته ڇڏيو پر اهو اڳواڻ تاريخ جي ورقن ۾ سدائين زندهه رهندو آيو. ان جي زندهه رهڻ جي پويان جيڪڏهن ملڪ لاءِ ڪيل سندس بي شمار خدمتون، ڪارناما ۽ عدالتي ڊوهه آهن ته اتي ان جي پويان اهو نعرو به آهي جيڪو اڄ به ان پارٽي جو مک نعرو ۽ جيئدان آهي جنهن جو باني ذوالفقار علي ڀٽو آهي. ڇا ته پارٽي هئي جو عوام ديوانو ۽ اڳواڻ محبوب وانگي لڳندو هو. هن وقت ساڳي پارٽي ڇا مان ڇا بڻجي وئي آهي جو ان جي باري ۾ گذريل ويهن سالن کان جيڪو ڪجهه اسان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پڙهون، ٻڌون ۽ ڏسون ٿا ته افسوس ٿئي ٿو خاص طور تي سندس  ڌيءَ محترما بينظير ڀٽو جي شهادت بعد، پارٽي ۽ پارٽي جي حڪومت جي ڪارڪردگي عوام جي خدمت ڪرڻ واري جذبي جي آڌار تي نه، پر مفادن ۽ ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي معاهدن جي چوڌاري گهمي ٿي. ڀٽو شهيد پنهنجي هن پارٽي کي خالص عوامي پارٽي بڻائي ڇڏيو هو ۽ سندس  شهادت بعد ته عوام هن پارٽي لاءِ رت ست بڻجي ويو هو. ذلفي ڀٽو آف پاڪستان جتي جتي به، جڏهن جڏهن به جلسو ڪندو هو ته عوام جلسي ۾شرڪت ڪرڻ ۽ ڀٽي شهيد جي ديدار ۽ تقرير کي ٻڌڻ لاءِ ديوانن وانگي اٿلي پوندو هو. هن جي شخصيت ۾ جيڪڏهن ڪرشماتي اثر هو، ته گفتار ۾ جادو هو، سياست ۾ گر هئا. سندس پرڪشش شخصيت ۽ سياست ۾ اهڙو ته ڪو اثر هوندو هو جو ملڪي سياسي گهراڻن جا ماڻهو ته هن جا ديوانا بڻجي ويندا هئا پر دنيا جهان جا سربراهه ۽ خاص طور تي وچ اوڀر جا سياسي ۽ رياستي سربراهه به هن جي عالمي سياسي ڏاهپ جي آڏو هن جا مريد بڻجي ويندا هئا. ڀٽي شهيد تي ڪرپشن جا ڪيس ڪونه هئا ۽ نه ئي هن پنهنجي ڪردار کي داغدار بڻايو هو. باقي جيتري قدر سياسي غلطين ۽ خامين جو تعلق آهي ته ڀٽو صاحب به انهن کان آجو ڪونه هو. جنهن سان ڪاوڙبو هو ته ان سان پلاند به اهڙو ڪندو هو جو ان جا ٺپ ئي ٺري ويندا هئا. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ ڪاميابي کان وٺي، بلوچستان ۾ قومپرستن جي خلاف فوجي ڪاررواين تائين، 73 جي آئين ۾، سنڌ جي فطرتي وسيلن، سنڌ جي روڊن رستن ۽ قيمتي زمينن کي وفاق جي ملڪيت ۾ ڏيڻ کان وٺي ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ ۽ بعد ۾ هي چئي حمايت ڪرڻ ته پنجاب کي ناراض نٿو ڪرڻ چاهيان جهڙا سياسي ڪم گهڻا ڪري ويو. سنڌين کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ ڪوٽا سسٽم، سڄي سنڌ ۾ هنروار (پروفيشنل) تعليمي ادارا ڏيڻ سان گڏ، ڪراچي ۾ اسٽيل مل جهڙو منصوبو ڏئي سنڌي نوجوانن کي ڪراچي ۾ پير کوڙڻ لاءِ موقعا فراهم پڻ ڪيائين. سچائي هي به آهي ته هو پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي پيو، عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ۽ سياسي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام آندائين جهڙوڪ عام ماڻهو کي روزگار سانگي وچ اوڀر جي ملڪن ڏانهن اماڻڻ ۽ ووٽ جو حق ڏيڻ. پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ ۾ ڀٽي شهيد جو ڪردار نه وسارڻ جوڳو آهي. ڀٽي صاحب جا پاڪستان جي حوالي سان وڏا ڪارناما آهن. ڀٽو شهيد صرف سياستدان نه هو پر مدبر ۽ هڪ عالمي اڳواڻ به هو. افسوس پاڪستان جهڙي منجهيل ملڪ جو شهري هجڻ ناتي هو ناپسنديدا به ٿي ويو ۽ محلاتي سازشن جو شڪار ٿي به ويو. گڏ رهندڙ سياستدان هن کي اڪيلو ڪري ڇڏي هليا ويا. عوام کي ڏنل شعور به، ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو ۽ اهڙي طرح هو هن ملڪ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ جي باوجود، هو ان قسم جي عزت، احترام، اهميت ۽ مڃتا کي ماڻي ۽ حاصل نه ڪري سگهيو جيڪا عزت، جيڪو احترام ۽ جيڪا اهميت ۽ مڃتا اڄڪلهه اسان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي حاصل ٿيندي ڏسون ٿا. عام ماڻهو هن مت ڀيد کي ڊوميسائيل جي فرق ۾ ڏسن ٿا جيڪا هن ملڪ جي وڏي بدنصيبي آهي. انهيءَ ڊوميسائيل جي فرق هن ملڪ جا ستر واري ڏهاڪي ۾ ٻه ٽڪر به ڪري ڇڏيا پر ڊوميسائيل جو فرق جيئن جو تيئن برقرار آهي. هن فرق کي، بلوچستان جي ڏيٺ ويٺ ۾، سنڌ سان ٿيندڙ ويڌنن جي شڪل ۾، اڄ به اسان ڏسئون ٿا ۽ محسوس ڪيون ٿا. ڪجهه سال اڳ پ پ جي شريڪِ نشست (ڪو چيئرمين) آصف علي زرداري هڪ اداري جي سربراهه جو نالو کڻڻ بغير صرف هي چيو هو ته، “توهان سياسي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙايو، توهان ٽن سالن جي لاءِ اچو ٿا جڏهن ته اسان کي سڄي عمر سياست ڪرڻي آهي جيڪڏهن اسان جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائي وئي ته اسان توهان جي سِر سان سِر ٺهڪائي ڇڏينداسين.” ڊوميسائيل جي فرق، تنهن وقت جي وزيرِاعظم ميان نواز شريف سان طئي ٿيل هن جي گڏجاڻي کي رد ڪرائي ڇڏيو. نه صرف ايترو پر هن کي نتيجن کي سهڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي ۽ هو ڪجهه مهينا دبئي هليو ويو هو. اڄڪلهه پي ٽي آءِ سربراهه پاڻ سان ڪيل ويڌنن سبب ملڪي ادارن ته ڇوهه ڇنڊي ٿو پر سندس چاهيندڙ ۽ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به ساڳي ڪم ۾ ليڪا لتاڙي وڃن ٿا پر مجال آهي جو سواءِ ڏوراپن جي ٻيو ڪو قانوني يا اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي ماضي ۾ سياستدانن خاص طور تي سنڌ جي سياستدانن خلاف کنيا ويا. عمران خان ۽ هن جا ساٿي جيڪو ڪجهه چون ٿا، اهو معاف آهي، جيڪو ڪجهه ڪن ٿا ان کي ڪنهن به کاتي ۾ نٿو ليکيو وڃي ايتري تائين جو خانصائب پاڻ تي قاتلاڻي حملي جو سڌو سنئون الزام به هڻي ٿو پر ان جو به، ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي. هي آهي ڊوميسائيل جو فرق جيڪو پاڪستان جي سياست، سياسي پارٽين، ۽ سياسي اڳواڻن لاءِ روا رکيو ويو آهي. هاڻي ته ويندڙ آرمي چيف هي بيان به ڏنو آهي ته، “اوڀر پاڪستان جو ٽٽڻ فوجي نه پر سياسي غلطي هئي.” ممڪن آ سندس اشارو ان وقت جي سياسي پارٽين ڏانهن هجي. هن بيان پويان ملڪ ۾ وري هڪ نئين بحث جو آغاز ٿي سگهي ٿو.

سنڌ مورت مارچ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي سامهون جڏهن اهو نعرو جنهن جو اشارتن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ۽ جنهن نعري جي تخليق جو پنهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ مطابق ذڪر به ڪري آيو آهيان؛ لڳندو رهيو ته هن ان تي پنهنجو تڪڙو ردعمل ڏنو. بيزارگي محسوس ڪئي. بي چين ٿيو، ۽ آخر ۾ جذبات ۾ اچي هي چيو ته بس ڪافي ٿي ويو. هِن ان نعري کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته، “جيئي ڀٽو نه پر هاڻي جيئي عوام چئو. مان صرف پنهنجي خاندان جو اڪيلو وارث آهيان. سنڌ جا وارث ڀٽا نه، اوهان عوام آهيو. الله توهان کي همت ڏئي، حياتي ڏئي. اڄ کانپوءِ جيئي جيئي جيئي ڀٽو نه پر جيئي جيئي جيئي عوام چئو.” ان بعد سوشل ميڊيا تي تبصرن، تجزين، تعريفن ۽ اميدن جو جهان جڙي ويو. ڪنهن هن کي نئين سنڌ ۽ نئين پاڪستان جي لاءِ اڳتي اچڻ لاءِ صلاحون پئي ڏنيون ته ڪنهن هن کي پنهنجي ڏاڏي جي سياسي وراثت کي سنڀالڻ جو چيو. ڪنهن سندس جي “جيئي عوام” واري صلاح کي سنڌ جي سياست ۾ تبديلي واري هوا سان ڀيٽ ڏني ته ڪنهن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڀٽي جو اصل وارث ميدان تي لهي ۽ سنڌ کي هڪ مافيا مان آزاد ڪرائي.

هي حقيقت آهي ته، سنڌ ۾ متبادل پر عوام دوست سياست جي ضرورت آهي، سچي ۽ کري سياسي قيادت جي ضرورت آهي. عوام جي زندگين ۾ سولايون آڻڻ ۽ ان جي سلامتي جي ضمانت ڏيڻ واري سياست جي ضرورت آهي، پر جڏهن اسان پاڻ ئي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي ڇڏيو هجي ۽ “جيئي ڀٽو” واري نعري جي نشي ۾ ورتل هجون ته، اتي ذوالفقار علي ڀٽو جونئير جي تازي صلاح هجي، يا قرآن شريف ۾، پنهنجي حال تي رحم کائڻ واري ڳالهه، اسان جي سوچن ۽ صحتن تي ڪو فرق نٿو پوي.