ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران قائم ڪيل فلڊ رليف فنڊ ۾ صوبائي ملازمن، صوبائي وزيرن توڙي مشيرن، ايم پي ايز  جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ذريعي 2 ارب 7 ڪروڙ رپيا گڏ ٿيا آهن، جن جي خرچ جي ساکائتي فرم کان آڊٽ ڪرائڻ  جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو آهي ته فلڊ رليف فنڊ ۾ مجموعي طور تي 2 ارب 7 ڪروڙ رپيا جمع ٿي چڪا آهن، انهي فنڊ جي خرچن جي انٽرنيشنل فرم کان آڊٽ  ڪرائي ويندي.