ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ناڪامي باوجود خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري خرم شهزاد کي ايڪسائيز سيڪريٽري جي اضافي چارج سان نوازي ڇڏيو، جڏهن ته کاتي جي  ايڊيشنل سيڪريٽري خالد مجتبيٰ کان سيڪريٽري ايڪسائيز جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. هوڏانهن  ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو کي پلاننگ سيل جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي واڌو چارج سونپي وئي آهي، ٻئي طرف ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي  اختيارين رٽائرڊ ڪاموري نثار قريشي کي بهتر ڪارڪردگي جو جواز ڄاڻائي هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري 2 لک پگهار مقرر ڪئي آهي