ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران اسڪول ايجوڪيشن، صوبائي سيڪريٽريٽ سروس، لائيو اسٽاڪ، صحت، ورڪس سميت 9 کاتن جي 90 ڪامورن، انجنيئرن، استادن  ۽ ڊاڪٽرن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو، وڏي وزير اڄ سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس گھرائي ورتو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن ۾ 19هين گريڊ جي 90 آفيسرن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ استادن  کي 20هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاھ اڄ منجھند 3 وڳي وزيراعليٰ هائوس ۾ سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، اجلاس ۾ صوبائي سيڪريٽريٽ سروس (پي ايس ايس) گروپ جي3 ڪامورن کي 19هين گريڊ مان 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري طور ترقين جي منظوري ڏني ويندي، واضح رهي ته 20هين گريڊ ۾ ترقين لاءِ صوبائي سروس جي ٻن گروپن ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس جي ترقين بابت رولز ۾ ڪوٽا مختص ٿيل آهي، 20هين گريڊ ۾ ايڪس پي سي ايس گروپ جي 75 سيڪڙو ۽ پي ايس ايس گروپ جي 25 سيڪڙو ڪوٽا مختص ٿيل آهي، تاريخ ۾ پهريون 20هين گريڊ جي خالي پيل 3 عهدن تي پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن کي ترقي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن کي نظرانداز ڪندي کين ترقين واري ايجنڊا ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو، واضح رهي ته  گذريل اجلاس ۾ پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن کي ڪوٽا کان وڌيڪ ترقيون ڏيڻ وارو معاملو عدالت ۾ به هلندڙ آهي، جنهن تي عدالت پاران اسٽي ڏنل آهي، هوڏانهن اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سينيئر پرنسپال جي خالي پيل عهدي تي هڪ استاد، اطلاعات کاتي جي آفيسر ذوالفقار شاھ کي ڊي جي انفارميشن طور ترقي ڏني ويندي، آبپاشي کاتي ۾ چيف انجنيئر جي خالي ٿيل عهدي تي به سينيئر انجنيئر جي ترقي ٿيندي، پلاننگ کاتي ۾ سينيئر چيف جي 4  خالي عهدن ۽ لائيو اسٽاڪ جي پولٽري ونگ ۾ ڊي  جي واري خالي عهدي تي سينيئر ڪاموري جي ترقي جي منظوري ڏني ويندي، صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر ايوب ۽ ڊاڪٽر جميل احمد سميت 11 ڊاڪٽرن کي 20هين گريڊ  جي خالي پيل 11 عهدن تي ترقي جي منظوري ڏني ويندي، اهڙي  طرح ورڪس کاتي جي 11۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ پروفيسرن جي 52 خالي جاين تي ڪاليجي استادن کي ترقين جي مننظوري ڏني ويندي.