ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ سنڌ جي ماحوليات کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو، صنعتي، زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي گندگي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، ان ڏس ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ لانگ انڊس انيشيٽو رٿا ۽ موسمياتي تبديليءَ سبب صوبن کي درپيش مسئلن تي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن م صوبن ۾ گڏيل قومن جي سهڪار سان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي روڪڻ لاءِ 25 منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سنڌ جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪندي اسماعيل راھو ٻڌايو تھ انهن 25 منصوبن تي مرحليوار ۽ ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو ويندو، اجلاس ۾ صنعتي، زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي گند جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، صوبائي وزير اسماعيل راھو ٻڌايو ته 2025ع  تائين ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ 31 سيڪڙو تائين پهچي ويندي،جڏھن تھ موسمياتي تبديلين سبب ملڪ ۾ ٻوڏن ۽ ڏڪار جا خطرا پڻ تيزي سان وڌن پيا، ھن وڌيڪ چيو تھ موسمياتي تبديلين سبب گليشيئر تيزي سان رجي رهيا آهن،  سنڌو درياءَ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي گليشيئرن مان اچي ٿو، جيڪڏهن سنڌو جي ماحوليات کي اصل حالت ۾ بحال نه ڪيو ويو ته ملڪ  ايندڙ ڏهاڪن ۾بدترين ڏڪارجو شڪار ٿيندو، ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري جو چوڻ ھو تھ درياهه جو 93 سيڪڙو پاڻي ملڪي زراعت لاءِ استعمال ٿيندو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته ٻوڏکي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گرين انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪن،