سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف سراج الحق جي اڳواڻي ۾ وڳڻ ويجھو ڌرڻو

0
341

ميھڙ/وڳڻ (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق جي اڳواڻيءَ ۾ وڳڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي

سراج الحق چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، سنڌ ۾ هزارين متاثر روڊ رستن تي نڌڻڪا ويٺل آهن، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ سنجيده نظر نه پئي اچي

سراج الحق چيو ته متاثرن جي واهر نه ڪئي وئي ته هڪ وڏو انساني الميو جنم وٺندو، انساني الميي جنم ورتو ته پوءِ حڪمران به نه بچي سگهندا

ٻئي پاسي سراج الحق ريلي جي صورت ۾ ميهڙ پهتو، جماعت اسلامي جي سربراهه ام رباب سان سندس ڏاڏي، پيءُ ۽ چاچي جي قتل تي تعزيت به ڪئي، سراج الحق چيو ته ام رباب کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارينداسين

ھي به پڙھندا

جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪريو: ام رباب دادو جي عدالت پھچي وئي

ميھڙ واقعي جي ٻڌڻي نه ٿي: ٽرائل نه هلڻ توھين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو: ام رباب