ڪراچي: اطلاعات واري صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ  چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران  امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 24606 خاندانن کي راشن بيگز، 440 خيما، 3000 مڇر دانيون فراهم ڪيون ويون آهن، بدين ۾ 650، دادو ۾ 2948، مٽياري ۾ 404، سجاول ۾ 650، جيڪب آباد ۾ 607، لاڙڪاڻي ۾ 4600، قمبر  ۾2409، خيرپور ۾ 5898، سکر ۾ 3000، شهيد بينظير آباد ۾ 700، نوشهري فيروز ۾ 792 ۽ سانگهڙ ۾ 1948 خاندانن ۾ راشن بيگز  ورهايا ويا آهن.