ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي) ميرپورخاص ڊويزن ۾ برسات متاثرن ۾ امدادي سرگرمين لاءِ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعن کي جاري ٿيل 27 ڪروڙ 20 لک رپين مان ٽنهي ضلعن جي انتظاميا اڃا تائين پوڻا 10 ڪروڙ  رپيا خرچ ڪرڻ ۾ ناڪام، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ميرپورخاص جي ڪمشنر  پنهنجي ڊويزن جي ٽن ضلعن ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل ماڻهن، سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل ضلعن کي جاري ٿيل فنڊن ۽ انهن  جي استعمال وارا تفصيل چيف سيڪريٽري حوالي ڪيا آهن،  ڪمشنر  جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميرپورخاص ضلعي کي 9 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪيا ويا، جن مان 8 ڪروڙ 48 لک رپيا امدادي سرگرمين تي خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 11 لک رپيا بچيل آهن، عمرڪوٽ ضلعي کي پڻ 9 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪيا ويا، جن مان 4 ڪروڙ 95 لک خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته 4 ڪروڙ 65 لک  رپيا اڃا بچت پيل آهن، سنڌ جي ريگستاني  ضلعي ٿرپارڪر کي 8 ڪروڙ جاري ٿيا، جن مان لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، جڏهن ته 4 ڪروڙ رپيا استعمال نه ٿي سگھيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميرپورخاص ضلعي ۾ 472161 ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ 19315 ماڻهو متاثر ٿيا، جن مان ڪو به متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل ناهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 557280 متاثر ٿيا، جن مان رڳو 12225 متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل آهن.