سنڌ جي تعليم جا ڪجهه حال احوال

0
1130
ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇو ضروري آھي؟

سائين قائم علي شاھ جي وڏ وزارت جي دور ۾ اھو الزام لڳندو ھو ته سائين جن بزرگ آھن ۽ ان ڪري ھو سنڌ ۾ تعليم جي پچيده مسئلن کي سمجھي نٿا سگھن پر جڏھن ماڻھن جي مطالبي تي وزيراعليٰ کي تبديل ڪيو ويو ۽ نوجوان وزيراعليٰ سائين مراد شاھه سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ حلف کنيو ته ڪجھه اميد ٿي، متان ھاڻي سنڌ جي تعليمي حڪومت جو وھنوار بھتر ٿئي مگر افسوس ته تبديلي ڪا به نه آئي ويتر تعليم جي تباھي ۾ اضافو ٿيو. سائين مراد شاھه ايندي ئي سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي ھنئي پر ايمرجنسي لڳائي پاڻ وساري ويٺا ته ايمرجنسي لڳائڻ کانپوءِ اپاءَ وٺي تعليم کي بھتر ڪجي. سائين جن جو پھرين سنڌ حڪومت جو سال ته ايئن نڪري ويو ۽ ڪي به سنجيده ڪم نه ڪيا ويا. جڏھن سائين مراد علي شاھ جو ٻيو دور شروع ٿيو ته اميد پئدا ٿي ته ھاڻي ڪنھن سنجيده ماڻھو کي تعليم جي وزارت ڏني ويندي ۽ تعليم جي حوالي سان ھڪ تسلسل سان ڪم ڪيو ويندو، پر افسوس ته روايتي انداز ۾ اها وزارت هلائي ويندي رهي، دوستن يارن جي چوڻ تي ماڻھن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون. ايتري قدر جو وزير صاحب جي پنھنجي ضلعي ۾ ھڪ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نه رکيو ويو ۽ پنھنجي من پسند ماڻھن کي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن جي جڳھه تي ھيٺين گريڊ جي ماڻھن کي انچارج ڪري رکيو ويو، جڏھن ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي پوزيشن 19 گريڊ واري آھي پرسندس من پسند ماڻھو جيڪي 18 ۾ ھئا انھن کي انچارج بڻايو ويو. اھا ته سنجيدگي ان وزير جي پنھنجي ضلعي سان ھئي. جنهن کان پوءِ وري وزارتن ۾ تبديليون ٿيون جنهن ڪري به مستقل پاليسي ۽ حڪمت عملي نه هئڻ ڪري تعليم کي تمام وڏو نقصان ٿيو. ان کان پوءِ وري ڪافي وقت ته سنڌ جي اھم تعليمي وزارت جي چارج وزيراعلي پاڻ وٽ رکي مگر پوءِ به ڪا خاص تبديلي نه اچي سگھي، ان دوران تعليم جا سيڪريٽري ڌڙا ڌڙ بدلي ٿيندا رھيا ۽ سنڌ جي پاليسي واري اداري ريفارم سپورٽ يونٽ جو چيف پروگرام مينيجر به بدلي ٿيندا رھيا ۽ سنڌ جي تعليم جو ڪو تسلسل نه رھيو ۽ پوءِ نيٺ تعليم جي وزارت سعيد غني کي ڏني وئي پر ڪم ڪرڻ جي رفتار ڪجھه سست ٿي وئي، ان جو سبب وزير صاحب جون سياسي مصروفيتون آھن جيڪو وفاقي وزيرن کان ويندي ايم ڪيو ايم سان به ڪراچي ۾ دليري سان مقابلو ڪري رھيو آھي. 2020ع ۾وري سنڌ ۾ ڪورونا اچي وئي انجي ڪري تعليمي سرگرميون بلڪل بند ٿي ويون جيڪي اڃان تائين مڪمل شروع ٿي نه سگھيون آھن ، نتيجي ۾ سنڌ جا ٻار تعليم کان محروم رھيا. سنڌ جي شھرن ۾ پوءِ به گھٽ نقصان ٿيو پر سنڌ جي ٻھراڙي جا اسڪول مڪمل بند ھجڻ ڪري ٻار ڪتاب پڙھڻ ۽ اسڪول وڃڻ کان به محروم رھيا ۽ انھن جو تعليم طرف لاڙو پڻ ختم ٿي ويو. اھا ڳالھه سمجھڻ جھڙي آھي ته سنڌ حڪومت وٽايترا وسيلا نه آھن ته ھو ڳوٺن ۾ آن لائن تعليم جا بندوبست ڪري سگھي مگر اھڙا ڪم جيڪي سنڌ حڪومت ڪورونا جي بيماري دوران ڪري سگھي پئي اھي به نه ڪيائين، سنڌ حڪومت ڪورونا دوران جڏھن تعليمي سرگرمي اسڪولن ۾ بند ھئي ته ان وقت اسڪولن جي مرمت، ۽ بنيادي سھولتن تي ڪم ڪري سگھي پئي. سنڌ جي ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي شديد کوٽ آھي پراپر بلڊنگس به نه آھن ۽ نه وري ٻارن لاءِ واش روم جو بندوبست آھي اھو ڪم ڪورونا دوران آرام سان ٿي پئي سگھيو ملڪ ۾ ٻيا ترقياتي ڪم ته جاري ساري رھيا پر افسوس سنڌ جي تعليم جي بھتري لاءِ ڪوڪم نه ٿي سگھيو.
ھن ڪورونا جي دوران تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتي ٿي سگھي پئي پر افسوس اڃان تائين استادن جي ڀرتي نه ٿي سگھي آھي، جڏھن سنڌ جي خاص ڪري پرائمري اسڪولن ۾ ھاڻي رڳو 40 سيڪڙو استاد وڃي بچيا آھن ۽ باقي استاد رٽائر ٿي ويا آھن مگر سنڌ حڪومت کي ڪا ڳڻتي ناھي ته اسان جي اسڪولن 200، 300 ٻارن واري اسڪول ۾ مشڪل سان 1 يا ٻه استاد آھن ۽ انھن ٻن استادن لاءِ ممڪن ئي ناھي ته ايترن شاگردن کي سنڀالي سگھن. انکانسواءِ سنڌ جا ڪافي اسڪول رڳو انڪري بند پيا آھن جو اتي استاد موجود ناھي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين، دادو، خيرپور ضلعن ۾ اھڙن اسڪولن جو وڏو تعداد آھي جيڪي استاد نه ھئڻ ڪري بند پيا آھن.
سنڌ جي اسڪولن ۾ نان ٽيچنگ اسٽاف جي شديد ڪمي آھي، سوئپر جي پوسٽ ئي اسڪولن ۾ نه رکيل آھي، انڪري اسڪولن ۾ واش رومن کي صاف ڪرڻ وارو موجود ناھي، اسڪولن جي روزاني جي بنياد تي صفائي نٿي ٿئي ۽ شاگرد ۽ استاد گندگي ۾ ويھڻ تي مجبور آھن.
پوري اسڪول ايجوڪيشن جي گورننس جي گورننس نظر نٿي اچي، بايو ميٽرڪ کي استادن کي اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ آندو ويو پر ھن وقت بايوميٽرڪ جي تبديلي پئسي ڪمائڻ جو ھڪ اھم شعبو آھي، جيڪڏهن ڊائريڪٽر به چاھي ته پنھنجي استاد جي بائيوميٽرڪ تبديل نٿو ڪري سگھي پر ڪراچي جي آفيس ۾ 50000 تي بائيو ميٽرڪ تبديل ٿي ويندي آھي.
سنڌ ۾ استادن جي ٽريننگ به ھڪ اھم مسئلو آھي، ٽريننگ ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا استاد رڳو سفارش تي کنيا ويندا آھن، ڪجھه استاد پورو سال ٽريننگ تي ھوندا آھن پر ڪجھه استادن جي ٽريننگ پوري زندگي ۾ نه ٿي سگھندي آھي، اھڙن استادن جي به ٽريننگ ڪئي ويندي آھي جيڪي 55 سالن کان به وڏا آھن، جن تي ٽريننگ جو خرچ ڪرڻ بلڪل فضول آھي پر ھتي سفارش تي سڀ ڪجھه ھلي ٿو.
مان آخر ۾ ڪجھه سنڌ حڪومت کي گذارشون ڪرڻ چاھيندس ته اُھي سنڌ جي تعليم لاءِ ھيٺيان اپاءَ وٺن جيئن سنڌ جي تعليم بھتر ٿي سگھي.
سنڌ جي سڀني اسڪولن کي 100 سيڪڙو کوليو وڃي، اٺين ڪلاس تائين سڀني ڪلاسن کي پروموٽ ڪيو وڃي، باقي نائين ۽ ميٽرڪ جي ٻن يا ٽن پيپرن جو امتحان ورتو وڃي ۽ جيڪو ورتو وڃي به پيو.
جيڪي استاد سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آھن انھن کي ٻين ڊپارٽمينٽ مان فوري بدلي ڪري ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ رکيو وڃي ۽ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.
استادن جي ڀرتي جلد از جلد ڪئي وڃي جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي، ايئن نه ٿئي جو استادن جي ڀرتي ڪري سالن تائين انھن کي پگھار کان محروم رکيو وڃي ۽ اھا اميد ڪئي وڃي ته استاد مفت ۾ پڙھائن، 2011 ۽ 2013ع ۽ ان کان اڳ وارن ڀرتي ڪيل استادن کي سال تائين پگھار نه ملي سگھي ھئي تنھنڪري حڪومت کي پگھار لاءِ ھينئر کان ئي حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي جيئن نوان ڀرتي ڪيل استاد جذبي سان پڙھائن.\ نان ٽيچنگ اسٽاف جي به جلد ڀرتي ڪئي وڃي جيئن اسڪولن جي صفائي ٿي سگھي.استادن جي ٽريننگ جو بندوبست ڪيو وڃي، ايڪڊمڪ شين سان گڏ ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، 45 سالن جي عمر کان مٿي استادن جي ٽريننگ تي خرچ نه ڪيو وڃي.بايوميٽرڪ تبديل ڪرڻ لاءِ ۽ مانيٽرنگ اسٽاف جي ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي، مانيٽرنگ اسٽاف به ھاڻي استادن کي فون ڪري پوءِ اسڪول ٿا اچن ۽ استادن کان مھيني تي پئسا ٿا وٺن اھڙن مانيٽرنگ ڪندڙ اسٽاف خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.تعليمي ادارن جي سربراھن کي ميرٽ تي رکيو وڃي ۽ ماڻھن کي خاص قسم جا تعليمي ساليانا حدف ڏنا وڃن ۽ جيڪي آفيسرز اُھي حدف حاصل نه ڪري سگھن انهن کي ھٽايو وڃي.سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي پنجن سالن لاءِ رکيو وڃي جيئن پاليسي جو تسلسل ھلي سگھي.تعليم کاتي جي ھر نوڪري ۾ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا شرط ختم ڪيا وڃن جيئن يونيورسٽي جا تازا نڪتل نوجوان تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿي سگھن ۽ تعليم کاتي ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪي سگھن، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ نوڪري ملڻ کان پوءِ به ڪرائي سگھجي ٿي ۽ ان لاءِ حڪومت کي پاليسي جوڙڻ گھرجي.