عثمان مرزا جا پير ڪيڏانهن ٿا وڃن؟

0
359

اها وڊيو واقعي به مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي دعويدارن جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ جهڙي هئي جنهن ۾ هڪ شخص جيڪو اڳتي هلي عثمان مرزا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سو هڪ جوڙي تي تشدد ڪري ڇوڪري سان گينگ ريپ ڪري سندس مڱيندي يا چاهيندڙ کي ڪئميرا جي سامهون ساڻس زنا ڪرڻ جو چئي ٿو ۽ سندن اهڙي وڊيو به رڪارڊ ڪرائي ٿو، عثمان مرزا سندس ساٿين سان گڏجي جوڙي تي تشدد ڪري ٿو، کانئن پئسه ڦري ٿو ۽ سندن تذليل ڪري ٿو.
ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۾ ٿيل انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙي واقعي بعد جڏهن هن معاملي جا پيرا کنيا ويا ته خبر پئي ته جنهن فليٽ تي اهو واقعو پيش آيو سو فليٽ متاثر ٿيندڙ نوجوان اسد جي دوست حافظ عطاءَ الرحمان جو هو، جيڪو وري وحشت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ شخص عثمان مرزا جو سوٽ آهي جنهن کان اهو فليٽ ڪرائي تي ورتو ويو هو. فليٽ ۾ ان کان اڳ اهڙا دل ڏاريندڙ ٻيا ڪيترا واقعا ٿي چڪا آهن سا ڪنهن کي به خبر ڪونهي!
هونئن ته ظلم جتي به ٿئي سو ظلم ئي آهي پر اهڙي انڌير ننگري جيڪر ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿئي ته ان تي حيرت کائڻ فطري آهي.
واقعي جو متاثر نوجوان اسد اسلام آباد جي پي ڊبليو ڊي لوهي پير جو رهواسي آهي ۽ اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ آهي.
ايمان نالي اسد جي دوست يا مڱيندي لاهور ۾ رهندڙ هئي جنهن کي هن اسلام آباد اچڻ جو چيو، ايمان سان ملڻ لاءِ هن پنهنجي دوست عثمان مرزا جي سوٽ حافظ عطاالرحمان کان ڪجهه ڏينهن لاءِ فليٽ ورتو جيڪو دوستي ۽ ڪاروباري رابطي جي ڪري کيس ڏنو ويو ۽ ان فليٽ ۾ ايمان ۽ اسد رهيل هئا ته رات جو دير سان اوچتو عثمان مرزا آيو ۽ فليٽ ۾ داخل ٿيو جيڪو هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو لڳي رهيو هو، عثمان مرزا سان 6 ٻيا به بدمعاش گڏ هئا جيڪي فليٽ جي در کي ٿڏا هڻي دروازو کولڻ لاءِ چئي رهيا هئا، فليٽ اندر اسد ۽ ايمان جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، هنن سمجهيو ته مٿن شايد پوليس جو ڪو ڇاپو لڳو آهي ليڪن سمورين، پريشانين، سوچن ۽ وسوسن کان پوءِ به مجبورن کين دروازو کولڻو پئجي ويو. دروازو کلڻ کان پوءِ جيڪو ڪجھه ٿيو سو ايمان ۽ اسد جي وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو. دروازي جو ڪڙو کليو ته سامهون انڊين فلمن جي ولن وانگر هڪ بدشڪلو هيبتناڪ شخص6 ساٿين سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيو جنهن کان پوءِ هنن پاران ڪيل ظلم ۽ وحشت کي ڏسي ۽ ٻڌي هر ڪنهن جا لڱ ڪانڊار جي ٿا وڃن. عثمان مرزا جي جاري ڪيل اها وڊيو ڏسي دل ۽ دماغ ۾ هڪدم ڪيترائي خيال، وهم ۽ وسوسا جنم وٺڻ لڳن ٿا ۽ سوچڻ لڳجي ٿو ته ڇا هي ملڪ ۽ هن ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۾ ظلم ۽ زيادتي جي اها شڪل به ڏسڻي هئي ته هڪ نوجوان جوڙي کي 8 ماڻهن جي اڳيان اگهاڙو ڪري تشدد جو شڪار ڪري ۽ انهن سان جنسي ڏاڍائي ڪري وري انهن جي وڊيو ڀري کين سرعام رسوا به ڪجي؟
پنهنجي اندر جي وحشي جانور جي جبلت ظاهر ڪري ڪنهن جي عزت سرعام نيلام به ڪجي ۽ وري ان سموري عمل کي ديده دليري سان مار ڌاڙ واري ڪنهن مووي وانگر رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل به ڪري ڇڏجي؟
سوچڻ جو مقام اهو آهي ته آخرڪار اهڙي وحشي ۽ درندي صفت شخص جي پويان ڪهڙي طاقت آهي؟ ڪمرشل فلمن ۾ ته اهڙين وحشتن جا منظر فقط فرضي هوندا آهن جن ۾ اڪثر ڪوڙين ڪهاڻين کي پيش ڪري پنهنجي فلمن کي مشهور ڪيو ويندو آهي پر پنهنجي پياري پاڪستان جي هن حڪومت ۾ جنهن جي حڪمران جي دعويٰ هجي ته اسين هن ملڪ کي مديني جي رياست وانگر ٺاهينداسين ۽ هتان جي قانون کي به رياست مدينه جي قانون وانگر لاڳو ڪنداسين اتي انسانيت کي لڄائيندڙ هن واقعي جي پٺيان آخر ڪهڙيون قوتون آهن؟ اچو ته ثابتين ۽ مدلل ڳالهين ذريعي ان سوال تي سوچيون ته هن قسم جي واقعن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪير پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
هن سوال کي سمجهڻ لاءِ هن ڪهاڻي جي ڪردارن جا پيرا کڻڻ لازمي آهن ان ڪري اچو ته پهرين اهو پرکيون ته عثمان مرزا ڪير آهي، هن کان اڳ هو ڪهڙيون ڪهڙيون ڪارروايون ڪري چڪو آهي ۽ سندس ٽولي ۾ ٻيا ماڻهو ڪير شامل آهن؟
عثمان مرزا ۽ سندس ٽولي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ هن ڪيس کان پهريان به 4 ڪيس داخل آهن، عثمان مرزا ولد محمد ابرار مرزا سان گڏ جيڪي سندس ساٿي گڏ آهن انهن ۾ محب بنگش، مدراس بٽ، حافظ عطاالرحمان، فرحان شاهين، فرخ نديم ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي پنڊي جي هڪ ڄڻي کان سواءِ سڀ اسلام آباد جا رهواسي آهن.
عثمان مرزا جو آن لائن فاريڪس ٽريڊ جو ڪاروبار آهي گڏو گڏ هو آٽو لينڊ نالي پراپرٽي جو ڪاروبار پڻ ڪري ٿو. فاريڪس انويسٽمينٽ جو ڪاروبار ڪنهن وقت ۾ ڊبل اي شاهه نالي هڪ شخص ڪي پي ۽ پنجاب جي ڪجھه شهرن ۾ شروع ڪيو هو ۽ ماڻهن جا ڪروڙين روپيا هڙپ ڪري ويو هو، بعد ۾ ان ساڳئي ڪاروبار جي طرز تي ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جيان اسلام آباد ۾ عثمان مرزا به شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا پئسا انويسٽمينٽ جي نالي تي وٺي انهن کي وڏو منافعو ڏيڻ جا خواب ڏيکاري سوين ماڻهن سان فراڊ ڪندو رهيو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن فراڊ خلاف ڪا دانهن ڪندو هو يا پنهنجي پئسن جي گهر ڪندو هو ته عثمان مرزا پئسي ۽ طاقت جي زور تي مٿن تشدد ڪندو هو. اهڙي ڪم ۾ پوليس به ساڻس ٻٽ بڻيل هئي، اسلام آباد جو سهالا ٿاڻو خاص طور تي سندس اثر هيٺ هو جتي سندس ڪاروبار واري فاريڪس ڪمپنيءَ جي ايڊريس به ان ٿاڻي جي حد ۾ هئي، اهڙي ريت جيڪو ماڻهو به پنهنجي پئسن جي واپسي لاءِ ٿاڻي تي دانهن کڻي ويندو هو ان کي ٿاڻي تي پوليس عملدارن جي روبرو تشدد ڪندو هو، ايتري قدر جو انويسٽمينٽ ڪرڻ وارو لکي ڏيندو هو ته منهنجي ٿيل انويسٽمينٽ مونکي واپس ملي چڪي آهي، جنهن کان پوءِ پئسا سيڙائيندڙ ماڻهو کي اها جرئت ئي ڪونه ٿيندي ته وري پئسا گهري سگهي. اهڙي طرح هن ماڻهن کان ڪروڙين روپيا ڦري هضم ڪيا. هن جي ظلم جي داستانن جي لسٽ تمام ڊگهي آهي پر حيرت جي هڪ ڳالھه اها به آهي ته سندس گرفتاري وقت عثمان مرزا چئلينج ڪيو آهي ته هو فقط ويھه پنجويھه ڏينهن ئي جيل ۾ رهندو ۽ وري واپس آزاد ٿي موٽي ايندو.(هلندڙ)