سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا

0
379
آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا
سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ نيب جون ٽيمون ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سندس گهر ٻاهران موجود،

آغا سراج دراني جَي پٽ آغا شهباز چيو آهي ته، ڪنهن به مرد کي گهر ۾ گهڙڻ نه ڏينداسين، هڪ عورت اهلڪار موڪلي گهر جِي تلاشي وٺي سگهن ٿا،

نيب وارا پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، اڳئين ڀيري به گهرڀاتين کي هراسان ڪيو ويو پر هن ڀيري ائين نه ٿيندو،

سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارَي ڪيس ۾ آغا سراج دراني سميت 11 جوابدارن جِي ضمانت رد ڪئي هئي، نيب جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جِي آمدني ۽ اثاثن ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جو فرق آهي