ڪھڙي ملڪ ڪيتري محبت سان ڪھڙو تحفو ڏنو ٻڌائڻ سان تعلقات ڪيئن خراب ٿيندا؟

0
190
وفاقي سرڪار طرفان کنڀيل

اسلام آباد: حڪومت، وزير اعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جي تفصيلن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان هڪڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزير اعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جي تفصيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

بڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ڪو دفاعي تحفو آهي ته ڀلي اُهو ظاهر نه ڪريو پر هر تحفي کي لِڪائڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟، حڪومت تحفن جا تفصيل لڪائي ڇو شرمسار ٿي رهي آهي؟، حڪمرانن کي مليل تحفا سندن ذاتي ملڪيت نه پر عوامي آهن.

عدالت سرڪاري وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا عوامي عهدي بنا ڪير ڪنهن کي تحفو ڏيندو آهي؟، حڪومت سمورن تحفن کي ميوزم ۾ ڇو نه ٿي رکي؟ حڪومت کي گهرجي ته گذريل 10 سالن دوران مليل تحفا پبلڪ ڪري.

ٻڌڻي دوران حڪومتي نمائندي جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري جنهن بعد عدالت ٻڌ ڻي ملتوي ڪري ڇڏي