سنڌ جي25 مادرعلمين ۾ مالي بحران: وفاق 50 سيڪڙو گرانٽ گهٽائي آهي: سنڌ سرڪار    

0
220
عمران خان جي خطاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي واري وزير اسماعيل راهو  پرڳڻي جي 25 سرڪاري يونيورسٽين جي مالي حالت  خراب هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽين جي خراب حالت جو ذميوار وفاق آهي، جنهن يونيورسٽين جي گرانٽ 50 سيڪڙو گھٽائي ڇڏي آهي. جنهن ڪري مادر علميون مالي بحران جو شڪار آهن.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته مهانگائي سبب يونيورسٽين جا خرچ ٻيڻ تي وڌي ويا آهن، جڏهن ته گرانٽ وري گھٽجي وئي آهي، جنهن ڪري بحران ڪَر کنيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن يونيورسٽيون مالي بحران مان نڪري سگھن،  هن چيو ته سنڌ جو پئسو وفاق ٻين صوبن تي خرچ ڪري رهيو آهي.