سنڌڙي دا سيوهڻ دا شهباز قلندر

0
202
سنڌڙي دا سيوهڻ دا شهباز قلندر

 هي قلندر شهباز جي ميلي جا ڏينهن آهن سنڌ جي مختلف علائقن ۽ پنجاب کان ايندڙ قافلا سيوهڻ ڏانهن ويندي قادر قلندر مست جا نعرا هڻندا ٿا وڃن.

                 ستن جوڳي فقيرن جو هڪ ٽولو ڳاڙها جهنڊا هٿن ۾ کنيو ، پيرو پيادو جهولي لعل تنواريندو اڳتي وڌي رهيو آهي . هنن جو سرواڻ ميهر جوڳي آهي . هنن جا پڙ ڏاڏا سوين سال اڳي گجرات يا ٿراڊ کان ٿر آيا. اهي سنياسي نانگ کاڌلن ۽ ٻين بيمارين جو علاج ڪندا هئا . هنن جي وڏي گرو وٽ نانگ جي مڻ هوندي هئي. ڪارونجهر جي ٽڪرين مان جڙيون ٻوٽيون هٿ ڪندا هئا . وسڪاري ۾ ٿر ۾ اڀري آيل اوڀڙن مان ٽوهه ۽ ٻيون وليون ووڙي دوائون ٺاهي کني ايندا هئا . سڄي سنڌ گهمي لڱا چڱا ۽ اگها سگها ڪندا هلندا وتندا هئا . گيڙو رتو لباس پهريو ، ڪن چير والا پايو ڍارا هڻندا ، در در سئين هڻي پنج ڪڻي پني دعائون ڏيندا ڦرندا وتندا هئا . هاڻ هي ويچارا مسلمان ٿي دولت پور ڀر سان ڪکايون جهوپڙيون اڏي هڪ جاءِ ٿي رهڻ لڳا آهن پر ريتون رسمون ، لباس کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو اهو ئي پراڻو طريقو ڪونه ڇڏيو اٿن .  عورتن ، آهرن ، جوانن توڙي ٻڍن پنڻ ۽ بکيا تي گزران ڪرڻ جاري رکيو . هي آهن آسودي سنڌ جا اصلوڪا لوڪ .

سينڌ سرمو ڪيو ، اجر ڪون اوڍيو ، ڏهاڪو کن ڳوٺاڻن جي هڪ ٽولي لليا پتڻ تان ٻيڙي ۾ سوار ٿي ، بانبٽيون ٽنگي ، جهنڊا جهولائي ، نعرا هڻي درياهه جي سير وٺي لهواري رواني ٿي آهي.

اولهه طرف عين ٻيلو آهي . وڻ وڍجي ويا ڦاڙهن جي نسل جو خاتمو ٿي ويو البت ٻي جهنگلي جيوت ۾ سها ، سيڙهون ، جهنگ ٻلا ۽ مرون موجود آهن . اڳي گهاٽا جهنگ هوندا هئا . سر ڪانهن ۽ گودرون اهڙيون گهاٽيون هونديون هيون جو سج به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو . ٻيلي ۾ سوين وٿاڻ ۽ ڀاڳين جا ڀاڻ هوندا هئا . ڪن کي پترون ته ڪن کي ڍنگرن جي واڙ ڏنل هوندي هئي . اڙلون ڏنل ، انگهن وارا نهيلا ۽ منيون کتل ، مڏ ۽ منجڙيون ٺهيل ، ڪلا ۽ ڪير به کتل هوندا هئا. ڇپرن هيٺان پاڻي جا مٽ ، لسي جون چاڏيون ، انهن ۾ مکڻ جا ٽيرا ۽ ڇڪي تي ٽنگيل کاڌي پيتي جو سامان موجود هوندو هو . ماني رات جو کير ۽ ڏينهن جو لسي سان کائبي هئي البت مکڻ ۽ ماکي به حقي حاضر هوندي هئي . جيسر ، جتوئي ، پنهور ۽ جويا  هن تر جا مشهور ڀاڳيا هئا .

تڙن تي مينهن جا ڌڻ تڙڳندي ، اوڳرائيندي ۽ شوڪاريندي ڏسبا ۽ پسبا هئا . انهن جي سانڀرن جا ساز ، کرڪيون ۽ سرلا چڙا ٻيلي ۾ پيا ٻرندا هئا . ڪمي ڪاسبي ٻيٽن تي سر ، لهيون ۽ ڪانهن ڪپيندي ڏسبا هئا . ڪٿي جهٻيرن جون ٻيڙيون بيٺل نظر اينديون هيون . هو ڪيٽين مان مور ڪپي ، سڪائي وري ان کي پسائي کارا جوڙيندا هئا . لاڪڙ مان نه رڳو کارا بلڪه ڇڪا ، گنديون ۽ مال جا آهرا به ٺهندا هئا . انهن جون وڏيون ڪئونتلون ، چئوڪنڊيون ، چئوپلانديون ، رهڻ جا گهر به اهي ته شڪار به انهن تي ڪبو هو .

عين ٻيلي جي خاص خاصيت اها هئي جو ان ۾ ماکي تمام گهڻي ٿيندي هئي . کنئور ۽ لاک به ايندي هئي ٻٻر ۽ بانهڻ جو عمارتي ڪاٺ حاصل ڪبو هو . موجوده دادو مورو پل جي گهڻو اتر طرف ڦر وارو ڍورو مشهور هوندو هو . هتان وڏو واهوڙ وهي عين ٻيلي کان مٽي ، سيٺ نائون مل جي ڪيٽي ۽ ڪنداهه ٻيلو لتاڙي اڙل ۽ دانستر کان وڃي درياهه ۾ پوندو هو . ڌار ڌار ڪيٽين ۾ هن کي ڇتو واهڙ ، چريو واهڙ ۽ خوني واهڙ جي نالن سان سڏيو ويندو هو . هن مان گزرندڙ پاڻي جي رفتار تمام تيز هوندي هئي .

اهڙي قسم جا ڪيئي واهڙ منڇر ڍنڍ مان نڪري درياهه ۾ پوندا هئا ۽ منڇر جي تڙن ۽ ڳوٺن جو واپار انهن ذريعي ٿيندو هو .

عين ٻيلي جي ڏکڻ طرف جهلي جو ڳوٺ ، اميناڻيون ۽ خيرو ديرو ٻيلو آهي . هن جوءِ ۾ بمبين ، ڀٽرن ، پنهورن ، جتوئين ، شاهن ، ٻگهين ، سهتن ۽ لغارين جا ڳوٺ ، ڀاڻ ۽ وٿاڻ موجود هئا . انهن مان گهڻا تڻا داڙيلي دور ۾ برباد ٿي ويا . ڪي ٿورا بچيل آهن پر اهي به زوال پذير آهن .

لليا جو پتڻ تمام وڏو پتڻ هوندو هو . دادو ۽ نوابشاهه ضلعن کي ڳنڍيندڙ هن پتڻ تي سوين ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون . آمد و رفت گهڻي هئي ، پاتڻي ٻيڙين تي ماڻهو ۽ مال کي پار اڪاريندا هئا . پتڻ (ڀاڙو) في ماڻهو يا ڍور جو چار آنا هوندو هو. ڪاٺ ۽ ٻيون جنسون به ٻهراڙين ۽ شهرن مان اٺن تي کڄي پتڻ تي اينديون هيون .

هڪ ٻوري جو ڀاڙو به چار آنا هوندو هو . اهو سامان بار بردار ٻيڙين تي پار اڪاربو هو . اتان وري اٺڻ تي لڏي پنهنجن پنهنجن ماڳن تي پهچائبو هو . منهنجي سانڀر ۾ چانورن تي ضلعه بندي هوندي هئي . چانور ميهڙ ، خيرپور ناٿن شاهه ، جوهي ۽ دادو جي علائقن ۾ تمام گهڻو ٿيندو هو . اوٺي جت رات جي وڳڙي ۾ لڏون لڏي ، کڻي آڻي پتڻ تي پهچائيندا هئا . راتو واهه پتڻ اڪاري پنهنجي پنهنجي منزل رسندا هئا .

لليا پتڻ کان سواءِ هن جوءِ ۾ جوڻالو ، خيرو ديرو ، صفن ۽ سيوهڻ جا پتڻ مشهور هئا . جتان خلق پئي اوراڙ ۽ پراڙ ايندي ويندي هئي . قلندر جي ميلي جي موقعي تي صفن وارو پتڻ گهڻو وهندو هو . پيرو پيادا ، بگين تي يا اٺن گهوڙن تي ماڻهو صفن جي پتڻ تي پهچندا هئا . جتان ٻيڙيون کڻي آڻي سيوهڻ جي پتڻ تي لاهينديون هيون .

آبڪلاڻي ۾ ٻوڏون ٿينديون هيون .درياهه بادشاهه ڪپر ٻوڙيندو ، لڙ لهڙيون لس ليٽ ، پٽيون ٺاهيندو ، واهڙ وهائيندو ٻيڻون ، ڍنڍون ، ڪوريون ۽ جهول بڻائيندو ، سانوڻي ۾ پنهنجا خوب جوهر ڏيکاريندو هو. ڍورين تي ٻانڌا ٻڌبا هئا . شڪار جا هلٽ (Tools) ڪڙهي ، ڪلوڙو ، ڏور ، پاکونڙو ، نڙو ، ڪترو ، سنبوهي ، ٽنب ۽ ڄار وغيره استعمال ۾ ايندا هئا . چوئن ، اڀ ڪپرين اڌوڪن ۽ تانگهي پاني ۾ به مڇي ماربي هئي .

درياهه ۾ ترڻ لاءِ سيڻاهون ۽ ترها هوندا هئا سيڻاهيا ، سيڻهون سبائي ۽ رڱائي رکندا هئا . ڪي تاروته دلي ، سڪل ڪاٺي يا ٻانڊ يا ڍور جو پڇ وٺي به تري ويندا هئا . پن يا ڪانهه مان جوڙيل تر يا تورو ٺاهي به تربو هو .

آبڪلاڻي کان پوءِ پاڻي لهي ويندو هو ڪٿي ڇڇ ۽ ڇر ڏسبي هئي . آجهار ، ڪنب . ڪنڊل ۽ ڪٿي تانگهو ته ڪٿي تار وهندو هو . سياري ۾ لانگها ٺاهي ڇڏيندا هئا . ٻيٽن تي کنجهو ۽ ڊاهر ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا درياهه ڪٿي واري ته ڪٿي چيڪالٽ هڻي ، ڦوڙي ته ڪٿي ڌٻڻ ، ڪٿي ٻهر ته ڪٿي نوڙ ٺاهيندو هو .

هاڻ اها سموري جاگرافي مٽجي ميسارجي وئي . ٻيلا وڍجي ويا . ڀاڻ ۽ وٿاڻ ويران ٿي ويا. جانار جوءَ ڇڏي ، ته ڪي مري کپي ويا . ڪچي وارو اهو شاهوڪار ڪلچر ختم ٿي ويو . ڪچي جو سڄو ايڪو سسٽم تباهه ٿي ويو .

ميڙائن جي هي ٽولي قلندر جي ميڙي تي وڃي رهي آهي . نڙا ، ڪڙهيون ۽ ننڍا رڇ ساڻ اٿن جن سان هو مڇيءَ جو شڪار ڪندا . چاڙها پچاڙا ڪندا ويندا . ڪٿي رات رهي پاڻو ڪندا . صبح سوير ساڪا پٽي ، سيوهڻ پهچي زيارتون ڪندا. ميلو گهمندا . ملاکڙو ڏسندا ٿڪي ٽٽي رات وري به اچي ٻيڙي تي سمهندا . هنڌ ، رليون ، ٽپڙ ساڻ اٿن . ٽانڊي ٻارڻ لاءِ ٻيڙي تي “ڪل“ موجود آهي . ٿانو ٿپا به هڪيا حاضر آهن راڌا  هو پاڻ آهن .