TECH- TALK … جديد ڪلاس روم ۽ پاڊڪاسٽ (Podcast) جو استعمال

0
146

مستجاب زهره کوسو

 جديد دنيا ۾ تعليم جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن، جن مان جديد ڪلاس روم ۾ پاڊڪاسٽ جو استعمال به شامل آهي. پاڊڪاسٽ جو ڪلاس روم ۾ استعمال ڪامياب تجربن مان هڪ ثابت ٿيو آهي. دنيا ۾ اُهي ملڪ، جيڪي بهترين تعليمي ادارن جي لسٽ ۾ سر فهرست آهن، انهن نواڻ جي رستي تي سفر ڪري سکندڙن کي پاڊڪاسٽ ذريعي مُختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي.

                 پاڊڪاسٽ هڪ آڊيو ڳالهه ٻولهه آهي، جنهن ۾ شاگردن کي ڏکئي کان ڏکئي موضوع سمجھائڻ لاءِ ڪجهه ماهرن جي مدد سان موقعو ڏنو ويندو آهي، جيئن اُهي هڪڙي موضوع کي هر طريقي سان سمجهڻ جهڙا ٿي سگهن. پاڊڪاسٽ ڪلاس جو سڄو دارومدار آڊيو مواد تي هوندو آهي. سيکڙاٽن لاءِ اها آساني آهي ته اُهي ڪنهن به جاءِ تي ويهي اهڙي قسم جي ڪلاس جو ماحول جوڙي سگهن ٿا. پاڊڪاسٽ جو بنيادي مقصد ئي تعليمي دائري کي اڃا وڌيڪ وسيع ڪرڻ آهي، جنهن سان ٻڌندڙن کي ٿوري وقت ۾ گھڻي وڏي سطح تي موضوع بابت ڄاڻ ملي وڃي ٿي، جيڪا وڊيو ليڪچرس جي ذريعي ملندڙ ڄاڻ کان گهڻي وڌيڪ هوندي آهي. پاڊڪاسٽ جو استعمال اسڪولن، ڪاليجن سان گڏوگڏ يونيورسٽين ۾ به ڪري سگهجي ٿو، جيئن دنيا ۾ جديد تعليمي نظام وارا ملڪ ڪري رهيا آهن.

پاڊڪاسٽ نه صرف شاگردن پر اُستادن لاءِ به وڏي فائدي واري مشق ۽ مشغولي سمجهي وڃي ٿي. هڪ استاد ڪنهن به موضوع تي وڌ ۾ وڌ چند ئي زاوين ۾ ڳالهائي سگهي ٿو پر پاڊڪاسٽ جي استعمال سان نه صرف هڪڙو پر مختلف راين سان سمجهڻ جو موقعو حاصل ڪري ٿو.

دنيا جي جن به ادارن پاڊڪاسٽ کي پنهنجي Learning tools واري لسٽ ۾ رکيو آهي، تن جي سالياني رپورٽ مطابق انهن جي سکڻ جي رفتار ۾ واڌ آئي آهي.  ان جو سبب سمجهڻ تمام سولو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڊڪاسٽ کي ڪنهن به تعليمي سرگرمي دوران ڪلاس جو حصو بنائڻ ڪنهن به ٻي قسم جي جديد سرگرميءَ کان وڌيڪ سولو ۽ سستو آهي. ان لاءِ اسان کي ڪنهن وڊيو ليڪچرس جي ضرورت ناهي پوندي. ڪنهن به ماهر کي آڊيو ڪال ذريعي به ڪلاس جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. انهيءَ سرگرمي سان شاگردن جي سکڻ جو تجربو ۽ معيار بلند ٿئي ٿو. پاڊڪاسٽ جا ڪيترائي فائدا آهن. سڀ کان اول فائدو اهو آهي پاڊڪاسٽ ڪنهن به عام کان عام ۽ سستي کان سستي موبائل ڊيوائس تي به ٻڌي سگھجي ٿي. اڄ جي دور ۾ اسمارٽ فون تمام عام ٿي چڪو آهي، سو چئي سگهجي ٿو ته پاڊڪاسٽ موبائل ڊيوائس ۾ رکڻ شاگردن لاءِ ڪا گهڻي ڏکي ڳالهه ناهي رهي. ان سان گڏوگڏ شاگردن وٽ انهيءَ فون جي استعمال جو حق 24 ڪلاڪ هوندو آهي. سو سيکڙاٽ ڪنهن به وقت ڪنهن به جاءِ تي ويهي اِھا سرگرمي شروع ڪري هڪ Virtual class  شروع ڪري سگهي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته اهي پاڊڪاسٽ آڻجن ڪٿان؟ پاڊڪاسٽ کي پنهنجي موبائل ۾ ڊاؤن لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به شاگرد لاءِ گهڻا ئي آپشن موجود آهن، جنهن ذريعي شاگرد پنهنجي موبائل ۾ فري Subscription ڪري سگهن ٿا. تعليمي پاڊڪاسٽ لاءِ مختلف ايپس به Playstore تي موجود آهن, جن جي مدد سان شاگرد گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. پاڊڪاسٽ جو هڪ بھترين ذريعو   YouTube به آهي. تعليمي ماهرن مطابق ڪو به سکڻ وارو ماڻھو ڏسڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ ٻڌڻ ذريعي تڪڙو سکي سگهي ٿو. ڪنهن به ماڻھوءَ کي وڊيو ذريعي هڪ جاءِ تي ويهي سمجھائڻ هڪ ڏکيو عمل آهي، جنهن جي مقابلي سکڻ وارو ٻڌي ڪري سکڻ کي وڌيڪ آسان سمجهي ٿو.

پاڊڪاسٽ اُھا واحد سرگرمي آهي، جنهن کي شاگرد ڪو به ٻيو ڪم ڪرڻ دوران به ٻڌي سگهن ٿا. اُستادن لاءِ به اِھا آسان ذريعو آهي ته استاد پنهنجن شاگردن کي ڪلاس جي اندر تمام سولي پر Productive سرگرمي ڪرائڻ جي ذميواري کڻن ٿا، جيڪا انهن لاءِ تمام ڪارائتي ثابت ﭤﺌﻲ ٿي. استاد شاگردن کي گهر جي Assignment  طور به پاڊڪاسٽ ٻڌڻ لاءِ ڏين ٿا. جيڪي شاگرد مخلتف ڪم ڪرڻ دوران به ٻڌي سگهن ٿا. مثال طور: بس ۾ سفر ڪرڻ دوران، گهر جو ڪو ڪم ڪرڻ دوران يا باغ ۾ واڪ ڪرڻ دوران. ان جو سبب اهو آهي ته پاڊڪاسٽ کي ٻڌڻ لاءِ صرف ڪن مصروف ٿين ٿا، جيڪو سڀ کان گهٽ مصروف رهڻ جو عمل آهي.

پاڊڪاسٽ جو ڪلاس ۾ استعمال ان ڪري به ﺿﺮﻭﺭي ٿي پيو آهي، ڇو ته اِها اُھا سرگرمي آهي، جنهن ۾ شاگرد وڌ کان وڌ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان ذريعي شاگرد جي سکڻ جي عمل ۾ تيزي اچي ٿي. شاگرد پنهنجي سمجهه جو مواد پاڻ چونڊي ٿو.

پاڊڪاسٽ کي استعمال ڪرڻ جو هڪڙو آسان طريقو اهو به آهي ته استاد پنهنجا روزاني جي بنياد تي ڏنل ليڪچر ريڪارڊ ڪري رکن. ايئن ڪرڻ سان شاگرد ساڳئي موضوع کي بار بار ورجائي سگهندا. شاگرد انهيءَ پاڊڪاسٽ کي امتحانن جي تياري وقت به ڪم آڻي سگهن ٿا. ڪنهن به ڪلاس ۾ مُختلف سمجهه وارا شاگرد هوندا آهن. سڀ شاگرد پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق پاڊڪاسٽ جي مدد سان موضوع کي سمجهي سگهن ٿا. استاد بجاءِ ٻارن کي ڪلاڪ هڪ وڊيو تي ڏيڻ جي، اگر آڊيو مواد ڏئي ته اُهي پنهنجي رفتار مطابق ان کي سمجهي سگهن ٿا.

پاڊڪاسٽ جا جديد دنيا ۾ ڪيترائي فائدا آهن، جن کي ذھن ۾ رکندي سنڌ جو استاد به ان جدت طرف پنهنجي وک کڻي سگهي ٿو، ڇو ته اسان جيترو سمجهڻ وارن لاءِ مواد کي آسان بڻائينداسين، اوترا ئي سمجهڻ وارا وڌندا، جيڪي اڳتي هلي تعليمي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھندا.

[email protected]