دوريءَ جو داستان

0
187
دوريءَ جو داستان

 پير علي محمد راشديءَ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “اھي ڏينھن، اھي شينھن” ۾ ھڪ مزيدار ۽ اھم واقعو تحرير ڪيو آھي. ھن لکيو آھي ته ملڪ وجود ۾ اچڻ جي ڪجھ وقت کان پوءِ ‘وس وارن’ جو اجلاس ٿيو. ان ۾ ملڪي سربراھ جي لاءِ ڪجھ نالا زيرِ غور ھئا. جڏھن ھڪ نالي تي اتفاق ٿيو ته ڪنھن دانھن ڪري چيو، “ان کي ملڪ جو سربراھ ڪيئن ٿا بڻايو؟ ھي ته عمر جي ان حصي ۾ آھي، جنھن ۾ نه ڪجھ ٻُڌي سگھي ٿو، نه ڏسي سگھي ٿو ۽ نه سوچي ۽ سمجھي سگھي ٿو”. اھڙي تبصري تي جواب آيو ته، “ان کان وڌيڪ خوبين جو مالڪ ٻيو ڪھڙو ملڪي سربراھ ٿي سگھي ٿو؟”

                 افسوس ته پير علي محمد راشديءَ جو اھو ڪتاب اردوءَ يا انگريزيءَ ۾ ناھي، پر جيڪڏھن ھجي به ھا ته عمران خان وٽ اھڙا اجايا ڪتاب پڙھڻ جو نه وقت آھي، نه دماغ!

                 جيتوڻيڪ ھاڻي ھن کي به ڪجھ ڪجھ سمجھ ۾ اچي رھيو آھي ته ھو ڪئچ ڪرڻ جي جوش ۾ اھو ليڪو لتاڙي چڪو آھي، جنھن کان پوءِ ھٿن ۾ آيل بال اجايو ھوندو آھي.

عمران خان کي خبر ھجڻ کپندي ھئي ته ڪجھ ملڪن ۾ سياسي خوبيون دراصل سياسي خاميون سمجھيون وينديون آھن. عمران خان پنھنجين جن ڪاميابين تي ناز ٿو ڪري، اھي ھن جي ناڪامين جو پيش خيمو ثابت ٿي رھيون آھن. جنھن ملڪ ۾ جھليل جمھوريت (Controlled Democracy) کي ئي قبول ڪيو ويندو ھجي، ان ملڪ ۾ عوام جو تمام وڏو انگ پاڻ سان ملائي ۽ ھڪ طرح جو سياسي جنون پيدا ڪرڻ جو عمل انھن حلقن ۾ پسند نه ڪيو ويندو آھي، جن جي مدد سان ڪڏھن ھو نه صرف پاور ۾ آيو پر ھن جي پيداوار به انھن جي پاڇي ۾ ٿي ھئي.

پاڪستان کي عمران خان جي شڪل ۾ ھڪ مھذب، ڪم گو، شرميلو ۽ ھر شخص سان فارمل فاصلو رکندڙ شخص جي ضرورت ھئي. ھن ملڪ جي لاءِ ان ماڻھوءَ کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي، جنھن ماڻھوءَ کي انگريزي به اچي ۽ ھو عالمي سطح تي سڃاتو به ويندو ھجي ۽ ھن جي مٿان ڪرپشن جو ڪو وڏو داغ به لڳل نه ھجي. باقي ھن جي جوانيءَ جا افسانا ته ھونءَ به ڪمپنيءَ جي مشھوريءَ جي لاءِ اھم سمجھيا ويندا آھن.

عمران خان پنھنجي ٺھيل اسڪيم کان ٻاھر نڪري ويو، جڏھن ھن پنھنجي چوڌاريءَ ماڻھن جا ھجوم ڏٺا، جڏھن ھن کي ھن جا نعرا ھڻندڙ ديواني خلق نظر آئي، تڏھن ھو پنھنجي آپي ۾ نه رھيو. عمران خان جي اھا دعويٰ آھي ته ھن پنھنجي پوري زندگيءَ ۾ شراب نه پيتو آھي. ممڪن آھي ته ھو صحيح ھجي، پر پنھنجي حق ۾ خلق جو شور دنيا جو سڀ کان گھڻو نشو ڏيندڙ شراب آھي. پرجوش ماڻھن جا ھجوم انسان کان کن پل ۾ ھوش کسي وٺندا آھن. عمران خان سان به ائين ٿيو.

عمران خان ان مھل آپي ۾ نه رھيو، جڏھن سوشل ميڊيا ھن جي سپورٽ ۾ سونامي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏھن ماڻھو روڊن تي نڪري آيا ۽ ھن جا ديوانا وار نعرا ھڻڻ لڳا. ان مھل پاڻ کي ھوش ۾ رکڻ آسان ڪم نه ھوندو آھي. ان عمل عمران خان کان اھو اسٽيٽس ڦري ورتو، جنھن جي بنياد تي ھن کي ملڪي سربراھ ٿيڻ جي خوبين جو مالڪ سمجھيو ويو ھو.

پاڪستان ۾ ھڪ حد تائين مشھور شخصيت کي ته قبول ڪري سگھجي ٿو پر جنھن جي شھرت عوام کي آپي مان مان ڪڍي وڃي، ان جي ھٿن ۾ ملڪ جي واڳ ڏيڻ تي اعتراض واريا ويندا آھن، ڇو ته اقتدار ۾ آڻڻ وارا ۽ پاور ڏيڻ وارا پاور جي مزاج کي تمام باريڪيءَ سان سمجھندا آھن. انھن کي معلوم ھوندو آھي ته پاور کي ھنڌ تائين روڪي رکڻ تمام گھڻو مشڪل ھوندو آھي. پاور پاڻ کي وڌيڪ پاورفل بڻائڻ جي فطري ڪوشش ۾ ھوندو آھي.

پاور کي پنھنجي مخصوص توازن ۾ رکڻ جي لاءِ تمام گھڻين مخالف قوتن جي ضرورت ھوندي آھي. ان عمل کي سياست جي علمي ڪتابن ۾ “بيلنس آف پاور” (Balance of Power) ڪوٺيو ويندو آھي. اھو ھڪ نازڪ توازن ھوندو آھي. جڏھن به اھو توازن ھيٺ مٿي ٿيندو آھي، تڏھن سياسي ٽڪراءَ پيدا ٿي پوندا آھن ۽ ڪرسيون پنھنجن مالڪن سميت ڪِرنديون ۽ ڦِرنديون نظر اينديون آھن.

دنيا جي ھر ملڪ ۾ ھڪ مخصوص اقتداري تاڃي پيٽيو (Power structure) ھوندو آھي. دنيا جا قديم کان قديم ۽ مضبوط کان مضبوط ملڪ ۾ پنھنجي اقتداري اسڪيم جي دائري ۾ گردش ڪندا آھن، جڏھن ته پاڪستان جھڙين نومولود ۽ نھايت نازڪ رياستن جي ڪلھن تي انھن شخصيتن جو بار وجھڻ غلط قرار ڏنو ويندو آھي، جن جي وجود ۾ عوام جي اڪثريت جي حمايت شامل ھجي.  پنھنجي ملڪ ۾ مقبول ماڻھو اقتداري سيٽ اپ ۾ مِس فٽ (Misfit) سمجھيا ويندا آھن، ڇو ته ھو پنھنجي طاقت رياست جي مٿين اداري کان وٺڻ بدران سڌو سنئون ماڻھن کان وٺندا آھن. اھي ماڻھو ھن ملڪ جي لاءِ ڪڏھن به قابل قبول نه رھيا آھن، جيڪي سمجھندا ۽ چوندا آھن ته، “طاقت جو سرچشمو عوام آھي”.

عمران خان پنھنجي مزاج ۾ ھڪ عيار قسم جي شخصيت جو مالڪ آھي. ھو تمام گھڻو کليو ڍليو ھجڻ جي باوجود به پنھنجي شخصيت ۾ ھڪ شرميلي پڻي جي جھلڪ سنڀالي رکندو آھي. اھا ادا ھن جي حسن جو راز آھي. ھو اڳين کي محسوس ڪرائيندو آھي ته ھن جي ڪنھن شئي ۾ دلچسبي ناھي، جڏھن ته ٺيڪ ان مھل ھن جي دل سيني جي پڃري مان ٻاھر اچڻ جي لاءِ آتي پرندي جيان تڙپندي ھجي. ھن کي پنھنجي چھري جي تاثرات تي تمام سٺو ڪنٽرول آھي. ان حوالي سان ھن ۾ اھا عورتن واري صلاحيت آھي. ھو پنھنجي منھن مٿان ھڪ فطري پردو وجھي پاڻ کي لڪائي سگھندو آھي.

عمران خان جي انھن صلاحيتن جي چڪر ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ به اچي وئي. ان ڪري ھن عمران خان جي حق ۾ پنھنجا گھوڙا ڇوڙي ڇڏيا. عمران خان ھڪ سٺو پليئر ھو، پر سياست جي ميدان ۾ ھن جي ڪاميابي محدود ھئي. ھو سالن جا سال رلندو رھيو. ھر ھنڌ ھر قسم جي ماڻھن سان ملندو رھيو، پر پوءِ به ھو ھڪ مخصوص سائز جي سپورٽرس کان وڌيڪ اھو مال حاصل نه ڪري سگھيو، جيڪو حقيقي ھوندو آھي، جنھن کي عوام چيو ويندو آھي.

عمران خان کي عوام سان ملائي ھن کي حقيقي طور تي ملڪي ليڊر بڻائڻ واريون قوتون اھي ھيون، جن جي محفل ۾ ھن جو ذڪر سٺن لفظن ۾ نه ٿو ٿئي. انھن قوتن جو خيال آھي ته عمران خان دوکيباز آھي. ھو سموري عمر فرمانبردار رھڻ واري واعدي تان ڦري ويو، ان ڪري ھو وڌيڪ اعتبار جوڳو نه رھيو. پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف ۽ عمران خان جي وچ ۾ ھليل تڪرار کي ميڊيا جي معرفت جنھن به جيترو ٻڌو، ان کي سمجھھ ۾ آيو ته ڪڏھن انھن جا رشتا نھايت قرب وارا ھئا ۽ پوءِ انھن ۾ نه صرف ڪڙاڻ پيدا ٿي پر اھا تمام گھڻي تلخ ھئي. ھڪ طرف عمران ھو، جيڪو اڳوڻي چيف کي تي غداريءَ جو مقدمو ھلائڻ جي گھر ڪري رھيو ھو ۽ ٻي طرف اڳوڻو چيف عمران خان کي ملڪ جي لاءِ تمام وڏو خطرو قرار ڏئي رھيو ھو.

پنجابي ٻوليءَ جو ھڪ تمام خوبصورت ٻول آھي ته:

ساڍي لگدي ڪسي ني نا ويکي

تي ٽٽدي نون جڳ جاڻندا

عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ويجھڙائپ ۽ دوريءَ جو داستان اھوئي آھي.

عمران خان ۾ نه صرف تمام گھڻي محنت جو مادو آھي پر ھن ۾ ھٺ به حد درجي جو آھي. ھو ڪڏھن به پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي نه ٿو سگھي. ھن جي انھيءَ مزاج سبب ھن مھل تائين ھو ھر طرح جي اڪيلائيءَ جو شڪار رھيو آھي. ھن وقت ھن جي پارٽي عوامي حمايت جي حوالي سان اقتداري اسڪيم ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آھي پر ان پارٽيءَ ۾ ھو اڄ به اڪيلو آھي. بلڪل اڪيلو!!

ھڪ دور جو مزاج ميلائي ھو. ماڻھو ميلن ۾ ملندا ھئا. ميلو لفظ جڙيو ئي “ملڻ” مان ھو. ميلو معنيٰ ملڻ. ان ميلي جي حوالي سان اياز ھڪ نھايت خوبصورت شعر لکيو ھو ته:

ميلي ۾ تون تنھا تنھا

ڪنھن کي ڳولھين ٿو؟

ھاڻي اسان جنھن ڪلاس جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون، انھن جا ميلا اھي پارٽيون ھونديون آھن، جن ۾ انھن جو ملڻ ۽ وڇڙڻ ھڪ معمول ھوندي آھي. جھڙي طرح ڪنھن دور ۾ “ميلي ۾ تنھائي” اڪيلائيءَ جي اپٽار ڪندڙ محاورو ھو، تھڙي طرح ھن دور جي ھن ڪلاس ۾ “پارٽيءَ ۾ اڪيلو” ھجڻ ھڪ منظر ئي نه پر ھڪ ڪيفيت ۽ ھڪ تمام تلخ حالت ھوندي آھي. ھو پارٽيءَ ۾ اڪيلو آھي.

ھو، جنھن کان انڊيا جي ھڪ نوجوان صحافيءَ اھو سوال ڪيو ھو ته، “اوھان ھاڻي پارٽين ۾ ويندا آھيو؟” ان سوال جي جواب ۾ ھن مسڪرائي چيو ھو ته، “ھاڻي ڪھڙيون پارٽيون؟ ھاڻي ته صرف ھڪ ئي پارٽي آھي ۽ اھا آھي تحريڪ انصاف” پر ڇا عمران خان ان حقيقت کان انڪار ڪري سگھندو ته ھو پنھنجي ان پارٽيءَ ۾ به تنھا آھي. اڪيلو آھي. اھا پارٽي جيڪا ھن پنھنجن ھٿن سان پاڻ جوڙي، اھا پارٽي ھن جن سان گڏجي وجود ۾ آندي ھئي، اڄ انھن جي اڪثريت ھن سان گڏ ناھي. ھڪ ته ھن جي اھا اڪيلائي! ٻيو ته ھن جو ضد ۽ ھن جو ھٺ ۽ ھن جو پاڻ کي عقل جو اول ۽ آخر سمجھڻ وارو عمل، ھن کي تنھائيءَ جي تمام وسيع ويرانن ۾ وٺي ويو آھي. اھا ڪنھن پارٽيءَ جي حقيقي خوشنصيبي ھوندي آھي ته ھن ۾ ھڪ ٻئي جي سمجھ ۽ سگھ جيترا ڪجھ ماڻھو ھجن. عمران خان پنھنجي پارٽيءَ ۾ ڪنھن به اھڙي شخص جو وجود برداشت ڪرڻ جي لاءِ ڪڏھن به تيار نه رھيو آھي، جيڪي عمران خان سان عزت سان ئي سھي پر اختلاف رکڻ جي جرئت ڪري سگھن. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ عمران خان سان گڏ ناھن پر اھي ھن کان ھيٺ آھن. اھي ھن کان نه صرف ھيٺ آھن پر تمام گھڻو ھيٺ آھي. عمران پنھنجي پارٽيءَ ۾ سڀ کان مٿي آھي ۽ ان مٿانھين تي تمام گھڻي اڪيلائي آھي.

ھن جي ان اڪيلائيءَ ۾ اقتدار ڌڻين سان دوريءَ جو داستان پوري تفصيل سان موجود آھي.