سنڌي ٻولي نظرانداز ڇو؟ ڊي سي گهوٽڪي مٿان سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
149

  جشن آزادي جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان ڊي سي گهوٽڪي جو جاري ٿيل هڪ ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جنهن بابت سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته ڊي سي گهوٽڪي پاران سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، جاري ڪيل ليٽر ۾ حڪم ڏنو آهي ته جشن آزادي جي تقريبن ۾ صرف اردو ۽ انگريزي ٻولي ۾ تقريرون ڪيون وڃن، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته سوشل ميڊيا جي ردعمل بعد ڊي سي گهوٽڪي وضاحت سان گڏ هڪ ٻيو ليٽر به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ انگريزي، اردو سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ به تقريرون ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ان حوالي سان عنايت حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جي ٻولي ۽  لولي جو دشمن آھي، ڊي سي گهوٽڪي اسان جي ٻولي تي به پابندي هڻي ڇڏي ڊي سي ليٽر جاري ڪيو آھي ته جشن آزادي جي ڏهاڙي تي اسڪولي ٻارڙا صرف انگريزي ۽ اردو ۾  تقريرون ڪن، ايم ياسين ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو ڪارنامو، سنڌي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، 14 آگسٽ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي گهوٽڪي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پروگرام تقرير ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي،

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله اهڙو ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو آهي،  فقير محمد پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ٻولي ۽ لولي جو دشمن آهي، ڊي سي گهوٽڪي ليٽر جاري ڪيو آھي ته اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميا کي چيو ويو آھي ته جشن آزادي جي موقعي تي اسڪولي ٻارڙا انگريزي ۽ اردو ۾ تقريرون ڪن،افسوس،  اسان جي مادري ٻولي سنڌي سان ڊي سي جي اگر ايڏي دشمني آھي ته پوءِ سنڌ کي ڇڏي وڃي. اعظم سهرياڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊي سي گهوٽڪي جيڪڏهن توهان پنهنجو اهو ليٽر واپس نه ورتو ته سڀ کان پهرين مان توهان جي آفيس آڏو انوکو احتجاج ڪندس جشن آزادي واري ڏهاڙي تي احتجاج ڪندس، جنهن تي عمران علي لکيو ته اگر ڊي سي گھوٽڪي کي سنڌي ٻولي تي اعتراض آهي ته پوءِ سنڌ ۾ نوڪري ڇو ٿو ڪري؟

آصف شر لکيو ته ڊي سي گهوٽڪي جو مذمت جوڳو عمل آهي، مظهر حسين چاچڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ٻوليءَ کان نفرت ڪندڙ، ڊي سي گهوٽڪي!! ڪراچي کان پوءِ وڌيڪ ٽيڪس ڀريندڙ، قدرتي وسيلن سان مالا مال ضلعو گهوٽڪي جيڪو سنڌ جي ساھ جي رڳ سڏيو وڃي ٿو، سنڌي ماڻهن کي هن ڊي سي هميشه نفرت جي نگاهه سان ڏٺو آهي پر اڄ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته مونکي سنڌي ٻوليءَ کان به نفرت آهي، هي ڊي سي جڏھن کان مقرر ٿيو آهي ضلعي ۾ تباهي کان سواءِ ڪجھه نه ٿيو، هي ليٽر ڊي سي جاري ڪيو آھي جنهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميا کي چيو ويو آھي ته جشن آزادي جي موقعي تي اسڪولي ٻارڙا انگريزي ۽ اردو ۾ تقريرون ڪن، سنڌي ٻوليءَ جو ڪٿي ذڪر نه ڪيو اٿس مطلب ته هن جي نظر ۾ اسان جي ٻوليءَ سنڌي ٻوليءَ ڪجهه ناهي، افسوس  اسان جي مادري ٻولي سنڌي سان ڊي سي جي اگر ايڏي دشمني آھي ته پوءِ سنڌ کي ڇڏي وڃي، ڇا لا پوءِ هتي رهي ٿو،

ظفر نور ڀٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ کان پوءِ ڊي سي گهوٽڪي پاران ٻيو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو آهي ته 14آگسٽ تي تقريرون سنڌي ۾ به ڪيون وڃن، پريم پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊي سي صاحب! ڪا به ڪلاريڪل غلطي ڪونه ھئي، اوھان سنڌي ٻولي کي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو ھو. سنڌي لئنگيوئيج اٿارٽي جي چيئرمين جي ڪال ۽ واٽس ايپ سميت سوشل ميڊيا تي خبرون ھلڻ بعد اوھان کي سنڌي ٻوليء ياد آئي. علي گوهر گبول جي پوسٽ جو مواد شيئر ڪندي هن وڌيڪ لکيو ته ڊي سي گهوٽڪي جي وضاحت ۽نئون ليٽر جاري… جشن آزادي جي مناسبت سان تقريري مقابلي ۾ سنڌي ٻولي به پروگرام جو حصو آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خبر  ۽ ليٽر بي بنياد آهي.  جشن آزادي جي مناسبت سان پروگرام ۾ سنڌي ٻولي ۾ به تقريرون ڪيون ويون آهن، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ليٽر ۾ ڪلاريڪل غلطي هئي جنهن سبب ٻيهر ليٽر جاري ڪيو ويو هو پر سوشل ميڊيا تي رد ٿيل ليٽر وائرل ڪري اهو تاثر قائم ڪيو ويو ته مقابلي ۾ سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڄاڻايل مقابلي ۾ طئي ٿيل پروگرام تحت سنڌي ٻولي ۾ به تقريرون ڪيون ويون آهن، پروگرام مڪمل ٿيڻ بعد سنڌي ٻولي ۾ تقريري مقابلو کٽيندڙ شاگردن کي انعام پڻ ڏنا ويندا.