ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ جويلين ٿرو گولڊ ميڊل کٽندڙ اولمپئن ارشد نديم پنجين اسلامي يڪجهتي گيمز ۾ به گولڊ ميڊل کٽي ورتو. اطلاعن موجب ترڪي جي شهر قونيه ۾ جاري گيمز ۾ ارشد نديم 88.55 ميٽرز جي ٿرو سان رڪارڊ قائم ڪندي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. ارشد نديم ڪامن ويلٿ ڪيمز ۾ 90.18 ميٽرز جو رڪارڊ ٿرو ڪري پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريو هو. چوٿون عالمي گولڊ ميڊل کٽندڙ ارشد نديم ان کان اڳ سائوٿ ايشين گيمز ۽ ايران ۾ امام رضا انٽرنيشنل ايٿليٽڪس چئمپين شپ ۾ به گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي. جڏهن ته ٽوڪيو اولمپڪس ۾ هن پنجين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.