اشو آف دي ڊي .. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڀٽائي جا بيت ڊاهڻ ۽ سنڌي شاگردن مٿان حملي تي ردعمل

0
260
اشو آف دي ڊي .. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڀٽائي جا بيت ڊاهڻ ۽ سنڌي شاگردن مٿان حملي تي ردعمل

 ڪراچي يونيورسٽي ۾ شرپسندن پاران ڀٽائي جا بيت ڊاهڻ ۽ سنڌي شاگردن مٿان حملي واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي. ان حوالي سان شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي ڪلاچي جي تعليمي ادارن ۾ غنڊا راڄ ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، هنن کي لطيف جي بيتن کان نفرت آهي ته اسان کي هنن کان نفرت آهي، جمعيت طلبا اسلام مٿان پابندي لڳائي وڃي، ان تنظيم جي ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سرفراز مستوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توهان کي لطيف سائين جا بيت ۽ سنڌي ٻولي نٿي وڻي ته سنڌ ڇڏي وڃو، هي سنڌ آهي هتي اوهان جي غنڊا گردي نه هلندي. استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبا جي ڪارڪنن پاران سنڌي شاگرد سٿ جي اسٽينڊ کي دادگيري ڪري ڊاهيو ويو آهي. اسٽينڊ تي لکيل شاهه لطيف جي بيتن کي پڻ ڊاھي، توهين ڪئي وئي آهي. اهڙي ڪريل حرڪت جي پرزور مذمت ڪجي ٿي. گڏوگڏ ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خالد عراقي کي هن معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي. گڏوگڏ وطن دوست سنڌي ماڻهن ۽ پارٽين کي هن معاملي تي احتجاج ڪرڻ جي التجا ڪجي ٿي.

جنهن تي سارنگ جويو لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي اسٽينڊ ۽ شاهه لطيف جي بيتن کي ڊاهڻ واري عمل جي نندا ڪجي ٿي مطالبو ڪجي ٿو ته اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ايڊووڪيٽ سجاد الحق لکيو ته ان واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، سارنگ مرکنڊ لکيو ته انتهائي افسوسناڪ عمل جي مذمت ڪجي ٿي،وسيم نظاماڻي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ انهن جي غنڊاگردي سان ڀريل آهي، روحي ڪلهوڙو لکيو ته انتهائي گهٽيا حرڪت ڪئي وئي آهي، چانڊيو اعجاز لکيو ته جي ٽي آءِ جي ان عمل جي مذمت ڪجي ٿي، منظور حسين وڳڻ، روحل سنڌي، عبدالحق فرقاني، صدام راڄپر، سراج شيخ، مشتاق ميراڻي، خالد شر، عبدالفتاح، نوراحمد ٻگهيو،نديم بليدي، محمد خان ٻرڙو، ممتاز علي سوهو، احمد شاهد شر، شبير چانڊيو، عبدالحق چنا ۽ ٻين به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. محسن خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پ پ کان پوءِ آء ايس او به جمعيت جي عمل کان لاتعلقي ظاھر ڪري ڇڏي،سنڌي شاگرد سٿ جي دوستن جي ھر اخلاقي مدد ڪبي، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جو نيٽ ورڪ جوڙڻ گھرجي.

جنهنن تي نديم جوڻيجو لکيو ته اسان شاگرد سٿ جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، احتجاج، قانوني ويڙهه، مزاحمت ۽ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي. ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي شاگرد سٿ جو ڪو مرڪز ناهي پر هر يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي مدد لاءِ هي سٿ ٺاهيو ويو آهي. مونکي حيراني آهي ته سنڌي شاگرد جو مسئلو جيئن ورسٽي کان ٻاهر آهي ته نه ڪو واهر لاءِ حاضر آهي نه ڪير پڇڻ وارو آهي. يونيورسٽين کان ٻاهر سنڌي شاگرد لاوارث آهن. منهنجي خيال ۾ سنڌي شاگردن کي پنهنجي مسئلن تي يونيورسٽي کان ٻاهر به گڏ ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هڪ شاگرد تي حملو سڀني شاگردن تي حملو آهي. مونکي اميد هئي ته سنڌي شاگردن جي جبري گمشديءَ تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي تنظيمون نه چاهيندي به هڪ بيان جاري ڪنديون پر افسوس ڪجهه تنظيمن ۽ ڪجهه فردن جبري گمشدگيءَ جي معاملي کي کنيو آهي ٻيا سڀ چپ. هي تنقيد نه صرف هڪ سٿ تي پر سمورن شاگرد تنظيمن تي آهي جيڪي اصل شاگردن جي مسئلن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. الاءِ ڪهڙن مسئلن جي انتظار ۾ آهن؟ اسان کي ته هاڻي اها پڪ به ناهي سڀاڻي اسان کنڀجي وياسين ته ڪير وارثي لاءِ به هوندو يا نه. افسوس ڪري سگهجي ٿو.

جنهن تي ارشاد ڪٽپر لکيو ته سڀني شاگرد تنظيمن جو هڪ گڏيل پليٽ فارم هجڻ گهرجي جيڪو ٻاهر به ڪم ڪري، مير معين مشوري لکيو ته سٿ صرف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي سياسي تنظيمن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، اختر سنڌيار لکيو ته بغير نظرئي ۽ سياسي تنظيم جي اهو ئي حال هوندو، شاگردن کي سياست کان پري ڪرڻ لاءِ ڪائونسل، سٿ ۽ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن.هالا چانڊيو لکيو ته اسان وٽ تنظيمن جي به کوٽ ناهي، ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان حملي جي مذمت ڪجي ٿي. ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي جميعت طلبا تنظيم جي ورڪرن ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪجھه ڏينھن اڳ شاھ لطيف جا ڀتين تي لکيل بيت ڊاهيائون ۽ وري شاگردن تي خوني حملو ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي زخمي ڪري ڇڏيائون. شاگردن جي اها حالت ڏسي اسان کي اهو دور ياد اچي ويو جڏهن هنن اسان جي ڪيترن ئي شاگردن کي ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو

جيڪڏهن سنڌي شاگردن جي تعليم ۾ ڪنهن به رڪاوٽ وڌي ته ان کي  ڪو به غيرت مند سنڌي برداشت ڪونه ڪندو، عاشق سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي اسٽينڊ ڊاهڻ ۽ ديوارن تي لکيل لطيف جي بيتن جي توهين خلاف سنڌي شاگردن جي پرامن احتجاج تي جماعت جي ڪارڪنن جو حملو ناقابل برداشت عمل آهي، امير حسن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي۾ سنڌي شاگردن جو سٿ جيڪو مڪمل علمي، ادبي سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ هر سال سڄي سنڌ مان ايندڙ شاگردن جي رهنمائي ڪري ٿو، سنڌي شاگردن کان جميعت کي ايڏي چڙ ۽ تڪليف ڇو آهي؟ جو هنن پهرين ديوارن تي لکيل لطيف جا بيت ڊاهيا ۽ پوءِ سيڪيورٽي ادارن جي موجودگي ۾ شاگردن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪيو، جماعت اسلامي سنڌ جي قيادت کي گهرجي ته هنن ڪارڪنن کي روڪي ۽ يونيورسٽي  انتظاميا فوري طور تي ملوث جوابدارن خلاف قدم کڻي  نه ته معاملا گهڻو اڳتي وڌي سگهن ٿا، ابراهيم آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي شاگردن تي حملي واري مامري ۾ جماعت اسلامي ۽ اسلامي جميعت طلبا غلطي تسليم ڪندي معافي گهري ورتي.. اسلامي جميعت طلبا سنڌي شاگردن سان ڪيل زيادتي تي معافي وٺندي،

جماعت اسلامي ۽ اسلامي جميعت طلبا جا اڳواڻ سنڌي سٿ جي شاگردن جي عيادت لاءِ اسپتال ويندا، اسلامي جميعت طلبا جا اڳواڻ سنڌي شاگرد سٿ ٿي اسٽينڊ تي وڃي ٻيهر معذرت ڪندا، مستقبل ۾ اسلامي جميعت طلبا پاران سنڌي سٿ جي شاگردن سان ڪنهن قسم جي زيادتي نه ڪئي ويندي، نعيم خان، علي محمد کوسو، ثناءُالله هڪڙو، مير حسن لاشاري، اياز صالح پليجو، مشتاق سرڪي، سيد جلال الدين بخاري، منير مگسي، ربنواز مستوئي،سجاد بروهي،علي زاهد، مير ڪاشف، اياز دوست، مختيار علي، لياقت علي سرڪي،مشاهد سنڌي، عطا سومرو، اسد سنڌي، اسحاق بلوچ، اشرف سولنگي، نواز خان لغاري، ڪاشف ميراڻي، استاد راهي سومرو، ايم بي بلوچ، مير چانڊيو، ياسين کوسو، شاهد حسين، انتظار پرهياڙ، فرحان مڱريو، رئوف جان ۽ ٻين به واقعي بابت پوسٽون شيئر ڪيون.